سنڌ ۾ مزدورن، سرڪاري ملازمن ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي جدوجهدن جي تاريخ قربانين، جيلن، لٺين، بک هڙتالن ۽ مسلسل مزاحمت سان ڀريل آهي. افسوس جو اڄ اهي ئي تحريڪون ۽ يونينون، جيڪي مزدورن جي حقن لاءِ وجود ۾ آيون هيون، آهستي آهستي حڪومتي اثر هيٺ اچي ويون آهن. نتيجي ۾ مزدورن جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ بدران ڪجهه مخصوص ماڻهن جا ذاتي مفاد پورا ٿيندا رهيا آهن. سنڌ جي مختلف ملازم يونينن ۾ حڪمران پارٽيءَ جي مداخلت ڪا ڳجهي ڳالهه ناهي رهي. اڳ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائينس پاران سڄي سنڌ ۾ پينشن جي حق لاءِ زبردست احتجاجي تحريڪ هلي. هزارين ملازم روڊن تي نڪتا، جلسا ٿيا، ريليون نڪتيون، ڌرڻا لڳا، پر آخرڪار اها تحريڪ به ان وقت ڪمزور ٿي وئي، جڏهن قيادت جي ڪجهه ماڻهن تي ذاتي فائدا وٺڻ جا الزام لڳا. عام ملازمن کي ڪجهه نه مليو، پر قيادت جي ويجهن ماڻهن کي نوڪريون، سهولتون ۽ مراعتون ملڻ جون ڳالهيون عام ٿي ويون. جڏهن تحريڪن جو نتيجو مزدورن بدران ڪجهه فردن جي فائدي ۾ نڪري ته پوءِ مزدورن جو اعتماد مجروح ٿيڻ فطري ڳالهه آهي.ساڳي صورتحال اڄ ليڊي هيلٿ ورڪرز جي تحريڪ سان به نظر اچي رهي آهي. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا مطالبا تسليم ٿي ويا آهن ۽ ورڪرز پاران جشن ملهايا پيا وڃن. پر سوال اهو آهي ته آخر ڪهڙا مطالبا تسليم ٿيا آهن؟
ڇا ليڊي هيلٿ ورڪرز کي 1994ع کان سينيارٽي ملي آهي؟ ڇا کين سروس اسٽرڪچر مليو آهي؟ ڇا کين پنجاب جي هيلٿ ورڪرز وانگر 16هون گريڊ ڏنو ويو آهي؟ ڇا 1994ع کان 2021ع تائين رٽائر ٿيل انهن هزارين ورڪرز کي پينشن ملي آهي، جن هن پروگرام کي قائم رکڻ ۽ پڪو ڪرائڻ لاءِ قربانيون ڏنيون، چوڪ ماڙي تي لٺيون کاڌيون، جدوجهدون ڪيون.
انهن سڀني سوالن جو جواب اڄ به “نه” ۾ آهي.
سنڌ جي ليڊي هيلٿ ورڪرز اڃا تائين پنجين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ ساڳئي نوعيت جي ملازمن کي 16هون گريڊ حاصل آهي. هي فرق رڳو گريڊ جو نه، پر حڪومتي سوچ ۽ پاليسين جو به عڪاس آهي. هڪ ئي ملڪ اندر ساڳيو ڪم ڪندڙ عورتن سان ايترو وڏو امتيازي سلوڪ ڇو؟ ڇا فقط ڊوميسائيل جي فرق سبب پيپلز پارٽي سنڌ جي ورڪرز کي پنجاب جي ورڪرز کان ايترو پٺتي رکيو آهي؟
ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پينشن جو مسئلو به انتهائي سنگين آهي. 1994ع کان 2021ع تائين رٽائر ٿيندڙ ورڪرز کي اڄ تائين پينشن ناهي ملي. اهي عورتون جن پروگرام کي پڪو ڪرائڻ لاءِ چوڪ ماڙي کان وٺي ڪراچي ۽ اسلام آباد تائين جدوجهدون ڪيون، لٺيون کاڌيون، گرميون ۽ سرديون سٺيون، اڄ پوڙهائپ ۾ به رياست جي بي حسي جو شڪار آهن. 2022ع کان پوءِ رٽائر ٿيندڙ ڪجهه ورڪرز کي ڏهه هزار رپيا پينشن ملي رهي آهي، پر موجوده مهانگائي ۾ ڏهه هزار رپيا عملي طور ڪجهه به ناهن. هڪ معمولي بيماري جي دوائن تي اهو خرچ ختم ٿي وڃي ٿو. پوءِ گهر جو راشن، بجلي، گئس، پاڻي، ٻارن جي سار سنڀال ۽ ٻيا خرچ ڪٿان پورا ٿيندا؟ ڇا اها پينشن هڪ عمر خدمت ڪندڙ عورتن جي عزت افزائي آهي يا انهن جي تذليل؟حقيقت اها آهي ته ليڊي هيلٿ ورڪرز جا بنيادي مطالبا اڃا تائين حل ناهن ٿيا. البت ٻڌايو وڃي ٿو ته آفيسرن جي آپريشنل بجيٽ، پيٽرول ۽ دوري جي خرچن بابت يقين دهانيون ڏنيون ويون آهن. جيڪڏهن اها ڳالهه درست آهي ته پوءِ اها انتهائي افسوسناڪ صورتحال آهي. جدوجهد ليڊي هيلٿ ورڪرز ڪن، ڌڪا هو کائين، گرمي ۽ بک برداشت هو ڪن، پر فائدو آفيسرن کي ملي. تنهنڪري ليڊي هيلٿ ورڪرز لاءِ هي جشن جو نه پر جدوجهد جو وقت آهي. جڏهن بنيادي مسئلا برقرار آهن ته جشن جو جواز ڪٿي آهي؟
مون کي اڄ به اهي ڏينهن ياد آهن جڏهن ڪي اين شاهه ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرز کي پڪو ڪرائڻ لاءِ بک هڙتال جي ڪئمپ لڳائي وئي هئي. اها بک هڙتال ڇهه سئو ڏينهن کان به وڌيڪ عرصي تائين جاري رهي. ان وقت رسول بخش پليجو صاحب سخت بيمار هئڻ باوجود ڪي اين شاهه جي سخت گرمي ۾ ريلي جي صورت ۾ اسان جي ڪئمپ تي پهتو. هن نه رڳو همٿ ۽ حوصلو ڏنو پر جدوجهد جي سياسي اهميت بابت پڻ رهنمائي ڪئي. عوامي تحريڪ ان سڄي جدوجهد دوران مسلسل ساٿ ۾ رهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي، جيئي سنڌ تحريڪ جي مختلف ڌرين، اديبن، شاعرن، فنڪارن، دانشورن ۽ سول سوسائٽي جي ماڻهن به ساٿ ڏنو. انهن سڀني جي گڏيل حمايت سبب ئي هي تحريڪ طاقتور بڻجي ۽ آخرڪار سنڌ جون لڳ ڀڳ 25 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز پڪيون ٿيون. هن جدوجهد ۾ سنڌي ميڊيا جو به اهم ۽ تاريخي ڪردار رهيو آهي. هن جدوجهد دوران اسان جي ساٿياڻي عاليا ميراڻي شهيد ٿي وئي. سندس قرباني کي وسارڻ ممڪن ناهي. بعد ۾ سندس ڌيءَ کي پروگرام ۾ نوڪري ملي. اها جدوجهد صرف ملازمتن جي نه، پر عزت، حقن ۽ سڃاڻپ جي جدوجهد هئي. ان جدوجهد “ڊاٽر ڪوٽا” جهڙو مثال به پيدا ڪيو، عاليا جي ڌيءُ کي پنهنجي ماءُ جي جڳهه تي نوڪري ملي، جيڪو مزدور تحريڪن جي تاريخ ۾ هڪ منفرد ڪاميابي طور ياد رکيو ويندو.چوڪ ماڙي تي جڏهن اسان جي ڌرڻي تي پوليس تشدد ڪيو ته مقامي ماڻهن پنهنجا گهر کوليا ۽ عورتن کي پناهه ڏني. شهيد بشير خان قريشي مون کي فون ڪري چيو ته جيڪڏهن اسان کي خبر هجي ها ته سنڌ پنجاب سرحد تي اسان جون نياڻيون ويٺيون آهن ته اسان به اتي پهچون ها، توهان کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهي واقعا ٻڌائين ٿا ته هي جدوجهد ڪنهن آفيس يا سرڪاري فائيل مان نه، پر سنڌ جي عوامي شعور مان جنم ورتو هو.
ان جدوجهد جي ڪاميابي جو بنيادي سبب به اهو ئي هو ته ان جي قيادت خود ليڊي هيلٿ ورڪرز وٽ هئي. پٺڀرائي سنڌ جي قومي، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌرين وٽان هئي. جيڪڏهن ان تحريڪ تي آفيسرن يا سرڪاري حلقن جو ڪنٽرول هجي ها ته شايد نتيجو صرف ڪجهه آفيسرن جي بجيٽ بحال ٿيڻ تائين محدود رهي ها. ان ڪري وقت جي اهم ضرورت آهي ته سنڌ جون قومي، ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند ڌريون مزدور يونينن جي اندر منظم نموني ڪم ڪن. سرڪاري، خانگي ۽ ڏيهاڙي مزدورن کي هڪ وسيع پليٽ فارم تي گڏ ڪيو وڃي. مزدورن جي تحريڪن کي ٻيهر انهن جي اصل مالڪن، يعني مزدورن جي هٿن ۾ ڏنو وڃي. سنڌ جي قومي قيادت کي رڳو مزدورن جي احتجاجن ۾ شرڪت ڪرڻ تائين محدود نه رهڻ گهرجي، پر مزدور يونينن جي اندر به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. جيستائين يونينن مان حڪومتي اثر، سياسي اجاره داري ۽ سرڪاري ڪنٽرول ختم نه ٿيندو، تيستائين مزدورن جا حقيقي مسئلا حل نه ٿيندا.