ليڊي ٽڪ ٽاڪر عائشه جا 2قاتل شوٽر سوگها

ليڊي ٽڪ ٽاڪر عائشه جا 2قاتل شوٽر سوگها

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) راولپنڊي جي علائقي ٽيڪسيلا ۾ ليڊي ٽڪ ٽاڪر عائشه  گلمنه  جي قتل جي ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي.پوليس واقعي ۾ ملوث 2 شوٽرن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنهن کانپوءِ گرفتار جوابدارن جي تعداد 6 ٿي ويو، نئين گرفتارين کانپوءِ قتل ڪيس جي جاچ نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي، پوليس مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي. ذريعن موجب پوليس شوٽرن جي گرفتاري کانپوءِ غيرت جي نالي ۾ قتل ۽ ويجهن عزيزن جي امڪاني ڪردار وارن رخن کي به جاچ جو حصو بڻايو آهي، واضح رهي ته ٽڪ ٽاڪر عائشه کي 14 آگسٽ تي قتل ڪيو ويو هو