ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو

آڪٽوبر 30, 2023

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جو ناليوارو ليکڪ، مترجم ۽ دانشور ولي رام ولڀ ڳچ عرصو بيمار رهڻ بعد علاج دوران ڪراچي جي هڪ اسپتال ۾ ديهانت ڪري ويو. ولي رام ولڀ شوگر، دل ۽ گڙدن جي بيماري سبب ڪافي عرصي کان عليل هو. حيدرآباد ۾ سندس طعبيت اوچتو وڌيڪ خراب ٿيڻ سبب کيس ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ منتقل ڪيو ويو هو جتي سندس ساهه جو سڳو ٽٽي ويو ۽ هو هميشه لاءِ سنڌ ڌرتي کان جسماني طور وڇڙي ويو. ولي رام ولڀ جو مڙھ ايمبولينس ذريعي ڪراچي کان حيدرآباد ۾ سندس حسين آباد واري رھائشگاھ پھچايو ويو جتان مڙھ کي اگني سنسڪار لاءِ هالاناڪي ڀرسان مڌر وليج نيو ويو جتي هن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون. اديب ولي رام ولڀ 16 مارچ 1944ع تي ٿرپارڪر جي شھر مٺي ۾ ڪيول رام لوهاڻو جي گھر ۾ جنم ورتو. ولي رام ولڀ ھڪ پٽ ڪمليشور، 2 نياڻيون مشهور شاعره پشپا ولڀ ۽ گوري ولڀ ۽ هڪ بيواهه سوڳوار ڇڏيون آھن

ولي رام 1962ع ۾”ڌومڪيتو“ جي ڪھاڻي ”بھشت ۽ دوزخ “ جو ترجمو ڪيو

حيدرآباد: اديب ولي رام ولڀ 1962ع ڌاري ھن گجراتي ٻولي جي ڪهاڻيڪار ”ڌومڪيتو“ جي ڪھاڻي ”بھشت ۽ دوزخ “ جو ترجمو ڪيو جيڪا ٽماهي مھراڻ ۾ شايع ٿي. ولي رام ولڀ سنڌي ادب کي ترجمي جي صورت ۾ 10 غير ملڪي ناول، 7 ڪهاڻين جا مجموعا ۽ هڪ شاعريءَ جو مجموعو ڏنو. ان کانسواءِ ڏهاڪو کن مختلف ڪتابن ۽ رسالن جي ترتيب پڻ ڏني. هن ڪيترن ئي اديبن جي ڪتابن جا مهاڳ، پرڏيهي اديبن جا انٽرويوز به ترجما ڪري شايع ڪرايا. ولي رام ولڀ کي علمي ۽ ادبي خدمتن جي مڃتا طور 2003ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو ويو. کيس ٻه ڀيرا اقليتي ليکڪ جي ڪري پاڪستان جي اقليتي وزارت پاران 50-50 هزارن جي روڪ رقم انعام طور ڏني وئي. ولي رام ولڀ جيڪي ڪتاب ترجمون ڪيا انھن ۾ اُڏارون آڪاش ۾ (شاعري)، زندگي جو ڪپيل هڪ ٽڪرو (ڪھاڻيون)، بهشت، دوزخ ۽ ٻيون ڪھاڻيون (ھندستاني ڪھاڻين جو ترجمو)، غدار (ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو)، سيتا ھرڻ (قرت العين حيدر جي ناول جو ترجمو) بند دروازو، (امرتا پريتم جي ناول جو ترجمو) ٽين دنيا جون ڪھاڻيون (ترجمو)، ٿڪل سريت (اٽلي جي ڪهاڻيڪار البرٽو موراويا جي ڪھاڻين جو ترجمو)، ٻار سنڌي ڪھاڻي ۾ (ٻاراڻو ادب)، سدا ساوا پڻ (سوانحي مضمونن جو مجموعو)، ڌاريو (البير ڪاميو جي ناول جو ترجمو)، پوئين پھر جا پانڌيئڙا (قرت العين حيدر جي ناول جو ترجمو)، اقبال (احمد نديم قاسمي جي ڪتاب جو ترجمو)، سنڌ ڪھاڻي (ڪيول ملڪاڻي جي ڪتاب جو ترجمو)، ڀڳوت گيتا جو اڀياس (سار ديسائي ۽ بوس جي ڪتاب جو ترجمو)، من جي شانتي (ھندي ڪتاب جو ترجمو)، ڪوتا ڦلواري (پرڏيھي شاعريءَ جو ترجمو)، مٺڙا ڀاءُ (ڪھاڻيون)، زندگي سي ڪٽا ہوا ٽڪڙا (وليرام جي انٽرويوئن ۽ ڪھاڻين جو اردو ڪتاب)، يادون، ملاقاتون ۽ ڪجھ اڀياس (مضمون)، ڪهاڻي ھنن جي (امرتا جي پنجابي ناول جو ترجمو)، ڇتن ڪتن جو مسيحا (سرويشر ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ائنا ڪرينينا (ليو ٽالسٽاء جي روسي ناول جو ترجمو)، سمھيل پاڻي (سرويشور ديال سڪسينا جي ھندي ناول جو ترجمو)، ڪارو ڪتاب (عابد سورتي جي ھندي ڪتاب جو ترجمو)، آمريڪي ۽ لاطيني امريڪا جون ڪھاڻيون، نيڻ تارا ۽ ٻيون ڪھاڻيون (اردو ۽ ھندي ڪھاڻيون)، يورپي ڪھاڻيون ڏور اوڀر جون ڪھاڻيون، لوءِ (شمشيرالحيدري جي شعري مجموعي ”لاٽ “ جو اردو ترجمو) ڪوتا، ڦلواڙي (ترجمو ۽ ترتيب)، زندگيءَ جو ھڪ ڪپيل ٽڪرو ۽ ٻيون ڪھاڻيون، مون وٽ نڪا پيتي، نڪو ڪلف ڪنجي (ڀڳت کيم چند آسناڻي جي آتم ڪھاڻي)، جي مارن مون ڏي مڪا (ھند ۽ سنڌ جي ليکڪن جا خط)، سنيھڙا (ڌيئرن جا خط)، مکا ميلو (انٽرويوز)، جانورن جي عجيب دنيا جي نالي سان ڪتاب شامل آھن

ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو ٿر جي ڀٽن تان اڏندڙ مور هو: چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ

ڄام شورو(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي ليکڪ، نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار ولي رام ولڀ جي ديهانت تي سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين مخدوم سعيد الزمان “عاطف” پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي بيان ۾ چيو ته ولي رام ولڀ جون سنڌي ٻولي ۽ ادب  لاء ڪيل خدمتون ساراھ جوڳيون آھن. ولي رام ولڀ کي سنڌ جي باشعور ۽ سياسي سجاڳي وارن فردن تمام گهڻو پڙهيو آهي، ھن پنهنجي دور جي فني ۽ فڪري اڳواڻي ڪئي آهي . مخدوم سعيد الزمان “عاطف” چيو ته ولي رام ولڀ سنڌي ادب جو ٿر جي ڀٽن تان اڏندڙ مور آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ زندگي جا ٽٽل ٽڪرا ميڙيا آهن، هن جي ڪهاڻي ننڍي کنڊ جي چونڊ ڪهاڻين ۾ شامل ٿي چڪي آهي. ولي رام ولڀ پنهنجي شخصيت ۾ هڪ ادارو ھو، اهڙا چند ماڻهو آهن، جن جي ڪري اڃان ادب جي ساک قائم آهي. مخدوم سعيد الزمان “عاطف” چيو ته سنڌي ادبي بورڊ ولي رام ولڀ جا ٻه “ڪتاب بھشت ۽ دوزخ” ۽ “پرڏيھي ڪھاڻيون” شايع ڪيا آھن جن کي پڙھندڙن وٽان سٺي موٽ ملي آهي. ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي سندن پونيئرن سان ڏک جو اظھار ڪجي ٿو

ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي هند ۽ سنڌ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن ۾ ڏک واري لھر

حيدرآباد: ولي رام ولڀ جي وڇوڙي تي هند ۽ سنڌ جي اديبن، ليکڪن، شاعرن، ڪھاڻيڪارن، صحافين، سياسي توڙي سماجي حلقن ۾ ڏک واري لھر ڇانيل آهي. سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي، قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو، جسقم چيئرمين صنعان قريشي، سنڌ ھاري ڪميٽي جي مرڪزي صدر ثمر حيدر جتوئي، سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو، پ پ فيڊرل ڪائونسل جي ميمبر ۽ اڳوڻي ايم اين اي قاضي اسد عابد، پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل خالد کوکر، حيدرآباد پريس ڪلب جي صدر لالا رحمان سمون، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي صدر اقبال ملاح، سيڪريٽري جنرل جئه پرڪاش موراڻي، سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر اسحاق سميجو، سيڪريٽري احسان دانش، اديب ديدار شاد گوپانگ، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽرمشتاق ڦل، مختيار ملڪ، يوسف سنڌي، ڊاڪٽر محمود مغل، زيب سنڌي، نصير مرزا، ونود ڪمار، جاويد سوز ھالائي، ماڻڪ ملاح، وسيم سومرو، مجيب ناريجو، مرتضيٰ سيال، معشوق ڌاريجو، سيد زوار نقوي، رخسانه پريت چنڙ، ڊاڪٽر بختاور ڄام، ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي اسٽيشن ڊائريڪٽر علي اڪبر ھنڱورجو، سينيئر پروڊيوسر خالد حسين چانڊيو ، پروفيسر اعجاز قريشي۽ ٻين ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ولي رام ولڀ جي وڇوڙي سان سنڌي ادب خاص طور ترجما نگاري جي فن ۾ وڏو خال پيدا ٿيو آهي جيڪو صدين تائين ڀرجي نه سگهندو

ولي رام ولڀ شروعاتي تعليم مٺي مان حاصل ڪئي، ايم اي اردو، سوشيالاجي ۽ ماس ڪميونيڪشن به ڪيائين

حيدرآباد: اديب ولي رام ولڀ پرائمري جا ٽي درجا مختلف ھنڌن تي ۽ وڌيڪ تعليم مئٽرڪ لوڪل بورڊ اسڪول مٺي مان حاصل ڪئي. بعد ۾ هن انٽر سچل ڪاليج ۽ ايم اي (اردو) جي ڊگري سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪئي. هن سوشيالاجي ۽ ماس ڪميونيڪيشن مان به ايم اي جون ڊگريون حاصل ڪيون. اديب ولي رام ولڀ ابتدائي طور سنڌالاجي ۾ ملازم رھيو ۽ 70ع واري ڏهاڪي ۾ فلمن جي ايڊورٽائيزنگ شعبي سان به سلهاڙيو رهيو. هن 1947ع کان اڳ سنڌي ادب ۾ ڇپيل ترجمن جي تحقيقي جائزي جي موضوع تي پي ايڇ ڊي جي اجازت طلب ڪئي پر نوڪري تان موڪل نه ملڻ جي ڪري هو پي ايڇ ڊي نه ڪري سگهيو ۽ صرف ايم فل جي ڊگري حاصل ڪئي.

لاڳاپيل پوسٽون

  • اسان جا ٻار حميرا اصغر جيان ڪو نه مرندا : فضا علي

  • لاڙڪاڻو: عورت رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو

  • جمشيد دستي جا تعليمي سرٽيفڪيٽ جعلي قرار

  • ريلوي کاتي 11 ٽرينن کي خانگائڻ جو فيصلو ڪري ورتو