راڻيپور( ن پ ا) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي جي ليڪچرار ۽ شاعره صنم سنڌو ڀنڀرو ڪراچي جي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، وارثن جو چوڻ آهي ته صنم کي مڙس تشدد ڪري قتل ڪيو آهي
شاھ عبدالطيف يونيورسٽي جي ليڪچرار ۽ شاعره صنم سنڌو ڀنڀرو ڪراچي جي ايس آء يو ٽي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي جنهن جو مڙهه راڻيپور پهچايو ويو
صنم سنڌو ڀنڀرو جي ڀاءُ چيو آهي ته ڀيڻ فوت ناهي ٿي هن کي بيدري سان قتل ڪيو ويو آهي، صنم جي زبان تي زخمن جا نشان آهن ۽ هن مٿان وحشياڻو تشدد به ٿيل آهي اسان جي ڀيڻ جو قاتل سندس مڙس نور محمد تنيو آهي
صنم جي ڀائرن عاشق حسين ڀنڀرو صاحب خان ڀنڀرو سندس ڀيڻ زبيده ڀنڀرو زاهده ڀنڀرو ڀيڻ جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ راڻيپور اسپتال آندو آهي
صنم جي مڙس نور محمد تنيو جو چوڻ آهي ته صنم سنڌو بهترين اسڪالر ۽ شاعرا هئي هن سان سادي ڏيڍ سال اڳ ٿي هئي، هوءَ هيپاٽائٽس جي مرض ۾ مبتلا هئي جنهن جو علاج به هلندڙ هو