| ليگو جي 3 لک سرن سان 79 فوٽ ويڪرو ميورل تيار |
برن(انٽريسٽنگ نيوز) سئيٽزر لينڊ ۾ ليگو جي 3 لک سرن سان 79 فوٽ ويڪرو ۽ 6 فوٽ اوچو ميورل تيار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب سئيٽزر لينڊ ۾ ليگو جي 3 لک سرن سان 79 فوٽ ويڪرو ۽ 6 فوٽ اوچو ميورل تيار ڪيو ويو آهي جنهنکي سوئيس ٽيلي ٿون جي حصي طور ترتيب ڏنو ويو آهي جنهن ۾ ناياب جينياتي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن لاءِ چندو گڏ ڪيو ويو. ان ميورل ۾ سئيٽزر لينڊ جي اوڀر واڊ ريجن جا اهم هنڌ ڏيکاريا ويا آهن. ان ميورل ٺاهڻ جو مقصد عالمي رڪارڊ جوڙڻ هو . رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته گنيز بڪ آف دي ورلڊ ريڪارڊ انتظاميا جلد ئي ان فن پاري جو جائزو وٺڻ لاءِ سئيٽزر لينڊ جو دورو ڪندي جنهن بعد اعلان ڪيو ويندو.