ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اي اين ايف انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل تي ڪارروائي ڪري لُوڻ جي آڙ ۾
آئيس اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ورتي آهي
اينٽي نارڪوٽڪس فورس خانگي ڪمپني پاران ملائيشيا لاءِ بڪ ڪرايل ڪنٽينر مان ساڍا 26 ڪلو آئيس هٿ ڪري ورتي آهي
اي اين ايف موجب منشيات ۽ ڪنٽينر تحويل ۾ وٺي ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، آئيس ڪنٽينر جي ڳجهن خانن ۾ لڪائي وئي هئي