| لڄالٽ جو شڪار عورتن کي ڪيس داخل ڪرائڻ ناهي ڏنو ويندو: سينيٽ ڪاميٽي |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن شيري رحمان چيو آهي ته ملڪ ۾ 480 عدالتون موجود آهن، پر جڏهن اسان کي قانون سازي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي عمل ڪير ڪندو؟ سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پنجاب حڪومت جي نمائندي بريفنگ ڏني. پنجاب جي نمائندي چيو ته 2021ع ۾ ڪُل جينڊر بيسڊ وائلنس (جي بي وي) ڪيسن جو انگ 30 هزار 757 رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته 2022ع ۾ انگ 35 هزار 477 رهيو. 2023ع ۾ 46 هزار 36 ڪيس ٿيا. 2024ع ۾ 61 هزار 97 تائين پهچي ويا، انساني حقن جي ڪاميٽي جسٽس علي باقر نجفي جي نوٽ تي هڪ ڀيرو ٻيهر مذمت ڪئي، چيئرپرسن شيري رحمان چيو ته هڪ جج طرفان اهڙا لفظ سمجهه کان ٻاهر آهن، سڄي ملڪ ۾ 480 عدالتون موجود آهن، پر جڏهن اسان کي قانون سازي لاءِ چيو وڃي ٿو ته ان تي عمل ڪير ڪندو؟ هن وڌيڪ چيو ته عدالتون فيصلو ڏينديون آهن، پر ان تي عمل ناهي ٿيندو ۽ عدالتن جي فيصلن کي نظرانداز ڪيو ويندو آهي. شيري رحمان چيو ته عورتن کان وائلنس جو ڪارڻ پڇڻ بدران مٿن الزام مڙهيو ويندو آهي پهرين عورتن کي رپورٽ داخل ڪرائڻ کان روڪيو ويندو آهي ۽ پوليس لڄالٽ واري مسئلي تي چوندي آهي ته توهان پاڻ ڪجهه ڪيو هوندو، ريپ کانسواءِ ٻين معاملن ۾ پوليس چوندي آهي ته اهو خانداني معاملو آهي. شيري رحمان چيو ته پاڻ ڪجهه به ڪن ٿا، پر ڀيڻ ڪجهه ڪرڻ تي غيرت جاڳي پئي ٿي. ان موقعي تي نجي ٽي وي جي لڄالٽ ڪيس بابت هلندڙ ڊرامي ڪيس نمبر 9 جو به ذڪر ڪيو ويو.