لکي غلام شاهه ويجھو ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار جو جرڳو: 46 خون ثابت: 14 ڪروڙ، 91 لک ڏنڊ

لکي غلام شاهه ويجھو ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار جو جرڳو: 46 خون ثابت: 14 ڪروڙ، 91 لک ڏنڊ

شڪارپور/لکي غلام شاھه(رپورٽ: وحيد بروھي+ فھيم منگي) مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ هلندڙ ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار جو جرڳو، ڌرين مٿان 46 قتل ۽ 57 زخمي ثابت، مجموعي طور 14ڪروڙ، 91 لک 50 ھزار ڏنڊ مقرر، تفصيل موجب مدئجي جي ڪچي واري علائقي ۾ جوڻيجا-ڪلھوڙا خوني تڪرار جو جرڳو مھر ھائوس وزير آباد ۾ ڪيو ويو، جتي ڌرين جي چڱن مڙسن ذوالفقار ڪلھوڙو، حفيظ ڪلھوڙو، ملان قربان جوڻيجو ۽ ٻين جون ڳالهيون ٻڌڻ بعد فيصلي جي امينن ۽ مشيرن بند ڪمري ۾ فتويٰ تيار ڪري اچي ڌرين جي اڳيان پڙھي ٻڌائي، فتويٰ موجب  ڪلھوڙا ڌر مٿان جوڻيجن جا عورتن سميت 27 خون ثابت ٿيڻ تي مٿن 8 ڪروڙ 37 لک ڏنڊ وڌو ويو، جڏهن ته جوڻيجا ڌر مٿان ڪلھوڙن جا 19 خون ثابت ٿيڻ تي 6 ڪروڙ 54 لک 50 ڏنڊ مقرر ڪندي ڌرين مٿان زخمين، نقصان ۽ اڳرائي ڪرڻ جا مجموعي طور تي 14 ڪروڙ 91 لک 50 ھزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، اھڙي فتوي بعد ڌرين کي ڀاڪر پارائي ٺاهه ڪرايو ويو،ڌريون ڏنڊ جي رقم ٽن قسطن ۾ ادا ڪنديون.فيصلي جو امين اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش خان مھر ۽ شڪارپور ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين سردار ذوالفقار علي خان ڪماريو ھو، جڏهن ته معظم علي عباسي، ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو، ايم اين اي شهريار مهر، نجف حسين ڪماريو، ايم پي اي محمد عارف خان مھر، محمد خان جوڻيجو، چنگيز خان پنھور، امتياز احمد جوڻيجو ۽ ٻين مشيرن طور شرڪت ڪئي.
 

مينهن چوري معاملي تان 26 سال اڳ ڌرين ۾ تڪرار شروع ٿيو

شڪارپور: مدئجي جي ڪچي واري علائقي مرزاپور، ڊرگهپور ۽ جمالپور ۾ هلندڙ ڪلھوڙا-جوڻيجا تڪرار 26 سال اڳ چوري جي معاملي تان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا 46 ماڻهون قتل ٿي چڪا، ڌرين ۾ ٺاھ ٿيڻ کانپوءِ علائقي ۾ خوشي جي لھر ڇانيل آهي.
 

56 جانيون ڳڙڪائيندڙ مهر-جتوئي تڪرار جو هفتي اندر نبيرو ڪرڻ تي اتفاق

رستم(رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور ۽ پني عاقل جي گڏيل علائقن ۾ ٻن سالن اندر 56 جانيون ڳڙڪائيندڙ جتوئي-مھر تڪرار جو 6 ڏينھن اندر جرڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان ذريعن موجب ٽائيم نيوز ڊجيٽل تي جتوئي-مھر تڪرار بابت اسٽوري نشر ٿيڻ کانپوءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران نوٽيس ورتو ويو، جنھن جي نتيجي ۾ جھيڙيندڙ ڌرين جي چڱن مڙسن ايم اين اي شھريار مھر، امير علي جتوئي، اين اين اي علي گوھر مھر پاران ھڪٻئي سان رابطا ڪري 6 ڏينھن اندر جرڳو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي، ٻئي پاسي ذريعن موجب ته جتوئي-مھر تڪرار سبب ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن جي ڪڻڪ جي فصل ۾ لابارو به نه ٿي سگهيو آهي،  جنھن ڪري به تڪڙو فيصلو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو آھي.ياد رهي ته جتوئي-مھر تڪرار 2024 ۾ شروع ٿيو، ھيل تائين ٻنھي ڌرين جا 56 ماڻھو قتل ٿي ويا آھن، مقتولن ۾ پنوعاقل واري پاسي 12 جتوئي، 8 مھر ٻه واٽھڙو، جڏھن ته شڪارپور واري سائيڊ 22 مھر، 11 جتوئي ۽ ھڪ واٽھڙو شامل آھن، جتوئي-مھر تڪرار ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ وقت 2025 ۾به فائر بندي ڪرائي وئي ھئي پر خوني ويڙھ  رڪجي نه ٿي سگهي. جڏهن ته گذريل سال ۾ ڪڻڪ جو فصل تيار ٿيڻ واري وقت کان علاوه به وقتن به وقت جتوئي- مھر تڪرار ۾ فائر بندي ڪرائڻ جا اعلان ڪرڻ باوجود ٻه ورھيه گذري چڪا آھن پر خوني ويڙھ جو مڪمل طور خاتمو نه اچي سگھيو آھي.
 

ڪلهوڙا-جوڻيجا تڪرار سبب خوف: 15 کان وڌيڪ اسڪول بند
 

مدئجي: مدئجي ڪچي ۾ ڪلھوڙا- جوڻيجا خوني تڪرا تان مختلف ڳوٺ لائق ڪلھوڙ، ميرل ڪلھوڙو، ڊگھپور جوڻيجا وانڍ ۽ ٻين مختلف ڳوٺن جي 15کان وڌيڪ گرلس توڙي بوائز اسڪول بند ھجڻ سبب سوين معصوم ٻارڙن جي تعليم متاثر ٿي.
 

وزيرآباد ۾ سيڪيورٽي انتظام سخت، تڪراري ڌرين کي پوليس پهري هيٺ جرڳي ۾ آندو ويو
 

شڪارپور: ڌرين جي فيصلي سبب وزير آباد ۾ سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا ۽ جھڙيندڙ ڌرين کي پوليس جي سخت پھري ھيٺ وزير آباد پھچايو ويو ھو.
 

 تڪراري ڌرين طرفان  هڪٻئي خلاف داخل ڪيسز ختم ڪرايا ويندا 
 

مدئجي: مدئجي ڪچي واري علائقي ۾ جھٻر ٿاڻو جمالپور ٿاڻو تاجو ديرو ٿاڻي تي ڪلھوڙا- جوڻيجا تڪرار تان ھرھڪ ٿاڻي تي ٻنھي ڌرين جا الڳ الڳ ڪيس داخل هجڻ باوجود ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي آهي، تڪراري ڌرين جي ماڻهن تي ڪيس داخل هجڻ سبب روپوش ٿي ويا آهن، ان حوالي سان حفيظ ڪلھوڙو ٻڌايو ته مختلف ٿاڻن تي اسان جي ماڻھن تي ڪيس داخل آھن ۽ جوڻيجا ڌر جي ماڻهن خلاف به ڪيس آهن، نبيري بعد ھڪ ٻئي کي راضي نامون لکي ڏينداسين ته ڪيس ختم ٿي ويندا. اسان فيصلي مان راضي آھيون ٻئي طرف  جوڻيجا ڌر جي قربان جو ڻيجو چيو ته اسان فيصلو قبول ڪيو آهي، فيصلي سان ڪچي ۾ امن امان ٿيندو، ڪچي واري علائقي ۾ بند پيل اسڪول کلي ويندا.