| لکي غلام شاھ ويجھو ٽرالر جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان فوت |
لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ سکر- شڪارپور روڊ تي جهان خان پوليس چوڪي ويجهو تيز رفتار ٽرالر جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ لنڊي شاخ جو رهواسي 25ورهين جو نوجوان رجب پٽ رضا محمد انڙ موقعي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو.