| لکي ويجهو هلندڙ شر – بڊاڻي تڪرار نبري ويو: 17 ڄڻن جي قتل جو ڌرين تي پوڻا 6 ڪروڙ ڏنڊ |
چڪ/رستم(رپورٽ: آزاد انور مھر -طيب جتوئي) لکي غلام شاھ ۽ خانپور تعلقن اندر ٽن سالن کان ھلندڙ شر- بڊاڻي تڪرار جو شڪارپور ۾ جتوئي ھائوس تي اڳوڻي ايم اين اي محمد ابراهيم جتوئي مير عابد حسين جتوئي سيد شمن علي شاھ جي سرپئچي هيٺ نبيرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻنھي ڌرين جي چڱن مڙسن عبدالحڪيم بڊاڻي ۽ علي بحر شر ۽ ٻين جون ڳالھيون ٻڌڻ بعد امينن پاران ڄاڻايل 19 خونن مان ٽوٽل ٻنھي ڌرين جا 17 خون ۽ 14 زخمي ثابت ڪيا، جنھن بعد گڏيل طور تي ٻنهي ڌرين مٿان 5 ڪروڙ 75 لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، ان ڏس ۾ مليل وڌيڪ ڄاڻ مطابق تہ في خون جي بھا پنجويهه لک رپيا، جڏھن تہ زخمين جا علاج سميت وڌيڪ ڌڪي جا وڌيڪ پئسا ۽ گھٽ زخمي جا اھڙي حساب سان ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جڏھن ته عبدالحڪيم بڊاڻي جتوئي واري ڌر تي 10 قتل ۽ 7 زخمي ثابت ڪيا ويا، جڏھن ته علي بحر شر واري ڌر تي بڊاڻي جتوئين جا پوليس آپريشن ۾ مارجي ويل سميت 9خونن مان 7 قتل ۽ 7 زخمي ثابت ٿيا، يعني عبدالحڪيم بڊاڻي واري ڌر تي ٽوٽل رقم 3 ڪروڙ 46 لک رپيا جڏھن ته علي بحر شر ڌر تي 2 ڪروڙ اوڻويهه لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪيو ويو، جنھن بعد ٻئي ڌريون ڀاڪر پائي کير کنڊ ٿي ويا.