لکي ويجھو مبينا مقابلو، جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

مَي 5, 2025

لکي غلام شاھه(ن پ ا) لکي غلام شاھه لڳ مبينا پوليس مقابلو،هڪ جوابدار زخمي حالت گرفتار، پسٽل هٿ، ڳوٺ ڇهو لٻاڻو لنڪ روڊ تي پوليس جوابدار دلشاد پٽ شاهنواز مهر کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ پسٽل سميت گرفتار  ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي،  لکي غلام شاھ پوليس موجب ڇهو لٻاڻو لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارادي سان بيٺل ڏوهارين جي اطلاع تي پوليس پهچي ڪري مقابلو ڪيو پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ ٽي جوابدار فرار ٿي پيا، هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي، سندس سڃاڻپ دلشاد پٽ شاهنواز مهر طور ڪئي وئي آهي، گرفتار جوابدار  معصوم نينگر ابوبڪر مهر جي قتل سميت اغوا، ڦر چورين ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل هو.

Leave A Comment