| لکي ڀرسان پوليس پاران تڪراري زمين تي هر هلائڻ جي ڪوشش، احتجاج |
رستم/ لکي غلام شاھه (نمائندن وٽان) لکي ڀرسان ڳوٺ نھال جاگيراڻي ۾ 78 جريب تڪراري زمين تي شڪارپور پوليس 20 کان وڌيڪ پوليس موبائليون، ۽ اي پي سي چين گاڏيون ساڻ ڪري 30 کان وڌيڪ ٽريڪٽرن ذريعي ھر ھلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنھن سبب زمين جي دعويدار ڳوٺاڻن خادم حسين جاگيراڻي، منظور جاگيراڻي، راشد جاگيراڻي، دليجان جاگيراڻي، ۽ ٻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن الزام هنيو ته 2021 کان وٺي اسان جي زمين تي تڪ جو پ پ پ ايم اين اي شھريار مھر اڳوڻو ايم اين اي غوث بخش مھر قبضو ڪرڻ چاھين ٿا، زمين بچائڻ لاء اڳ به اسان جو نوجوان قتل ٿي چڪو آھي، ان جي باوجود زرعي زمين تان شڪارپور پوليس بااثرن جو قبضو ته ختم نه ڪرائي سگھي آھي، الٽو بااثرن جي ونگار وهندي ايس ايس پي شڪارپور شاھزيب چاچڙ 30 کان وڌيڪ ٽريڪٽر ڪاھي پوليس جي سرپرستي ھيٺ تڪراري ۾ زمين ۾ ھر ھلائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو، جڏھن ته مظاھرين اھيو به چيو ته ھو پيپلز پارٽي جا ووٽر آھن، جنھن ڪري سندن معاملي جو گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺي کين انصاف ڏياري، ٻئي طرف جاگيراڻين جي چڱي مڙس ايم پي اي عابد سندراڻي پوليس سان رابطو ڪري کين تڪراري زمين ۾ ھر ھلائڻ کان روڪي شام جو ديرسان واپس ڪري ڇڏيو، ۽ ھن پوليس کي چيو ته تڪرار واري زمين جو جلد ڳالھين ذريعي حل ڪري معاملي جو نبيرو ڪندا سين.