| لڳو 30 سال پوئتي هليا ويا آهيون، کاڌو مهانگو آهي: جوڙو |
تهران (م ڊ) ايران مان هڪ جوڙو فرار ٿي ملڪ کان ٻاهر پهچي ويو. بي بي سي کي هن جوڙي ٻڌايو ته ڏينهن جو موبائل ڪالون ممڪن هيون، پر شام جو ۽ رات جو صرف لينڊ لائنون ڪم ڪنديون هيون. آچر ٿورو بهتر هو، پر مجموعي طور تي اهو محسوس ٿيو ته اسان 30 سال پوئتي هليا ويا آهيون، جڏهن اسان کي لينڊ لائين تان فون ڪرڻا ۽ ڪتابن مان نمبر حاصل ڪرڻا پوندا هئا. جوڙي ٻڌايو ته روزاني زندگي انتشار ۾ هئي ڪيترائي ڪاروبار، جن ۾ ڪلينڪ، اسٽور، ڪلب ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن، منجهند جو بند ٿي ويندا هئا. ميٽرو شام جو به بند هئي ۽ ٽرئفڪ خوفناڪ هئي. هنن ٻڌايو ته ملڪ مان نڪرندي اسان کي اهڙا منظر نظر آيا جيڪي خانہ جنگي جيان هئا. اسان کي ويڙهه کان بچڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا پنهنجو رستو تبديل ڪرڻو پيو. اتي شين جون قيمتون آسمان کي ڇُهي رهيون هيون، کاڌو حاصل ڪرڻ هڪ خوفناڪ خواب هو. پر ڪارڊ ريڊر ۽ بينڪنگ ايپس اڃا تائين ڪم ڪري رهيون هيون. رپورٽ موجب جوڙو ايران ڇڏڻ لاءِ امام خميني ايئرپورٽ ويو ۽ انهن کي اتي افراتفري نظر آئي جتي سوين ماڻهو هئا، جن ۾ ڪيترائي پرڏيهي، خاص طور تي چيني ۽ هندستاني شهري شامل هئا، جيڪي وڏي تعداد ۾ ايران ڇڏي رهيا هئا. هنن ٻڌايو ته اسان کي هڪ يورو ۽ پرڏيهي ڪرنسي هڪ لک تومان ۾ ملي.