لڳي ٿو اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي، اهو ڪيئن چئون ته فلاڻي پارٽي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪريو ۽ فلاڻِي جا رد ڪريو؟: چيف جسٽس

جنوري 3, 2024

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ)چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آهي ته مون کي لڳي ٿو پاڪستان ۾ اليڪشن ٿيڻ نه پئي ڏني وڃي، عدالتون اليڪشن لاءِ هر سياسي جماعت جي پٺيان بيٺل آهن

 چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ليول پليئنگ فيلڊ بابت پي ٽي آءِ جي توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته اهو ڪيئن چئون ته فلاڻي پارٽي جا نامزدگي ڪاغذ منظور ڪيو ۽ فلاڻِي جا رد ڪيو؟ ٽربيونلز ۾ وڃي اپيلون داخل ڪريو، ان کانپوءِ ايندا  ته توهان کي ٻڌنداسين

پي ٽي آءِ جي وڪيل لطيف کوسا چيو ته اسان کي خبر آهي ته 35 پنڪچرز جي ڳالهه به هن ئي عدالت ۾ ٿي هئي، چيف جسٽس چيو ته اهي ڳالهيون ان وقت جي ججز رد ڪيون هيون

لطيف کوسا چيو ته چيف اليڪشن ڪمشنر کي جيڪو ڪرڻو آهي اهو نه پيو ڪري، چيف جسٽس چيو ته اهو چيف اليڪشن ڪمشنر به توهان جو لڳايل آهي، هتي ڪير به ذميواري قبول ڪرڻ وارو ناهي، اليڪشن ڪميشن اسان جي حڪم تي عملدرآمد جي رپورٽ جمع ڪرائي آهي

 لطيف کوسا چيو ته اسان کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته اليڪشن ڪميشن وارا ٻڌائين ته هنن کي ليول پليئنگ فيلڊ ڇو نه پئي ملي؟

 اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته هنن کي مڪمل ليول پليئنگ فيلڊ ملي رهي آهي، لطيف کوسا چيو ته اسان جي اميدوارن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، اليڪشن کان اڳ ئي ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڌانڌلي ٿي رهي آهي

Leave A Comment