تازا ترين
  • *صدرجي ڀٽيون ويجهو جوابدارگهٽي مان گذرڻ تان نينگر کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪري ڇڏيو *ڳوٺ حيات اڄڻ واسي زخمي شڪيل پٽ شمن اڄڻ کي پير جو ڳوٺ اسپتال منتقل ڪيو ويو *ڪٽار اڄڻ، بشير اڄڻ، مومن اڄڻ ۽ ٻين شڪيل تي بيگناهه ڪهاڙين سان حملو ڪيو: وارث*
  • *اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ايف ايٽ ڪچهري حملو ڪيس *دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ بابت درخواست تي لکت ۾ حڪم نامو جاري *چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اطهر من الله حڪم نامو لکيو *دهشتگردي جي خاتمي واري قانون 1997تحت ٻئي عدالت کي اختيار ڏئي سگهجن ٿا: حڪم نامو* عدالت ڊپٽي جنرل کي 7ڊسمبر تائين آگاهه ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي*
  • *حيدرآباد جي سول اسپتال ۾ ڪورونا وگهي 2 عورتون فوت *ڪوٽڙي واسڻ مسمات عائشه ۽ مٽياري واسڻ مسمات امير زادي جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا*
  • *ھمايون شريف ويجهو موٽرسائيڪل ۽ رڪشا ۾ ٽڪر، پيرسن فوت، هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو *قومي شاهراهه تي حادثي ۾ ڳوٺ محراب بکراڻي واسي 50 ورهين جو عبدالجبار بکراڻي فوت ٿي ويو *حادثي ۾ شڪارپور واسي غلام حسين ڀٽو زخمي ٿي پيو، اسپتال منتقل*
  • *ڀٽ شاهه ۾ نامعلوم هٿياربندن جو گهر تي حملو، فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويو،سندس امڙ زخمي *هٿياربندن جي حملي ۾ نوجوان سليم مارجي ويو،سندس امڙ منل خاتون زخمي ٿي پئي *مقتول نوجوان جو لاش ۽ زخمي عورت کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*

لھه ڪا سنڌ جي سار ڀٽائي … اياز خليل چنجڻي

مِڙيا سڀ غدار ڀٽائي،
لھه ڪا سنڌ جي سار ڀٽائي.
ڇو نه ٿين ٿا پيدا ٻيهر،
هوشوءَ جيان ڪردار ڀٽائي،
حڪمرانن حق ڦٻايا،
ناحق آ نروار ڀٽائي.
چوري، زوري، هيرا ڦيري،
آھي مارا مار ڀٽائي .
واءُ گهليو هي ڪهڙو آهي،
ڀاءُ کان ڀاءُ آ ڌار ڀٽائي،
ظلم، جبر ۽ دوکي واري،
ڪير اچي ديوار ڀٽائي .
ڪُسجن ٿيون بي ڏوهه نياڻيون،
ڪارو ڪاريءَ جي آ ڪار ڀٽائي .
جڏهن ٿين پيءُ ماءُ ٿا پوڙها
گهر تي ٿين ٿا بار ڀٽائي .
ڪوڙ وزير، مشير ڳالهائن،
ڪر تون تن کي خوار ڀٽائي .
دادا ٿي دهشت ٿا وڌائن،
پوندي تن تي مار ڀٽائي.
دنيا توتي روز وجهي ٿي،
گلڙن وارا هار ڀٽائي .
سنڌ جو سنڌو ٺوٺ ٿيو آ،
ٿئي شل تارون تار ڀٽائي .
هجر ۾ ھيڻا ٿي ويا آهن
عاشق لک هزار ڀٽائي .
تنهنجا بيت ته راھ ڏسن ٿا،
وائي آ ويچار ڀٽائي .
دل جا درد وڌي ويا آھن،
تون ئي ڪر سهڪار ڀٽائي .
عشق عذاب ڏئي ٿو ڇا کان،
اُجڙيا ڇو سينگار ڀٽائي .
اڄ جو چرخو ڪيئن هلي ٿو،
بدليا ننڍڙا ٻار ڀٽائي .
پاڻ ٻَڌائن پاڻ ڇڌائن،
ڀُلجي پيا ڀوتار ڀٽائي .
جيڪي سنڌ کي ماءُ نه سمجهن،
ساڙ اُھي سردار ڀٽائي.
”اياز چنجڻي “ عرض ڪيو آ،
جمعي جو آ وار ڀٽائي.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *