مئي واري جنگ بعد پاڪ ڀارت وچ ۾ رابطا معطل ٿيل

مئي واري جنگ بعد پاڪ ڀارت وچ ۾ رابطا معطل ٿيل

اسلام آباد: مئي ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ کانپوءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ سخت ڇڪتاڻ موجود آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ هر قسم جا سياسي ۽ سفارتي رابطا به معطل آهن. دلچسپ ڳالهه اِها آهي مئي واري جنگ کانپوءِ ڀارت پنهنجي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگرن کي پاڪستاني ڪرڪيٽرن سان هٿ ملائڻ کان به روڪي ڇڏيو هو، جڏهن ته ٻين راندين ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر هٿ ملائيندا رهيا. ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر گذريل سال پاڪستان ۾ ٿيل شنگھائي سهڪار تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي، جنهن دوران هن پاڪستاني پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ملاقات ڪئي هئي.