مائونٽ ايورسٽ ڪيمپ ۾ گندگي، ڪنگنا رناوت ڪاوڙجي پئي

مَي 31, 2023

ممبئي( شوبز نيوز) دنيا جي بلند ترين جابلو چوٽي مائونٽ ايورسٽ تي ويندڙن پاران ڪيمپ ۾ گند ڇڏي وڃن تي  بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوٽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي

ڀارتي ميڊيا موجب مائونٽ ايورسٽ تي ويندڙن پاران ڪيمپ ۾ ڇڏي ويل گند جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي جنهن تي اداڪارا ڪنگنا رناوٽ ڪاڙ جو اظهار ڪيو

ڪنگنا رناوٽ سوشل ميڊيا تي گندگي جي وائرل ٿيل وڊيو تي لکيو ته جيڪي انسان پاڻ کي خدا جي پسنديده مخلوق جو گردان ڪندا وتن ٿا اهي ٻيهر هن وڊيو ڏانهن ڏسن

هن لکيو ته وڊيو ظاهر ڪري ٿي ته خوبصورت هنڌن تي ايندڙ ڪهڙي ريت بدبودار ۽ گندا نشان ڇڏي وڃن ٿا ۽ فطرت جي بيعزتي ڪن ٿا

ڪنگنا رناوٽ جي خيالن سان ڪيترن ئي سوشل ميڊيا صارفين اتفاق پڻ ڪيو

Leave A Comment