| مائونٽ مينگنوئي ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز جي برتري |
مائونٽ مينگنوئي (اسپورٽس نيوز) نيوزي لينڊ جي پهرين اننگز جي مجموعي 575 جي جواب ۾، ويسٽ انڊيز جي اوپنرن ٽيم کي سٺي شروعات ڏئي ڇڏي. ماؤنٽ مونگانئي ۾ کيڏيل ٽئين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي آخر تائين، ويسٽ انڊيز پهرين اننگز ۾ بغير ڪنهن نقصان جي 110 رنسون ٺاهي ورتيون. برينڊن ڪنگ 55 ۽ جون ڪيمبل 45 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا. ان کان اڳ، نيوزي لينڊ ٻئي ڏينهن تي اننگز جي شروعات 334 رنسون هڪ آئوٽ کان ڪئي، ٻئي ڏينهن ڪيوي بيٽر ڄمي نه سگهيا ۽ جلدي آئوٽ ٿيندا ويا. ڊيون ڪون وي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي ۽ 227 رنسن تي آئوٽ ٿيو. رچن رويندرا 72، اعجاز پٽيل 30، ڪين وليمسن 31، گلين فلپس 29، جيڪب ڊفي 17، ڊيرل مچل 11، ٽام بلنڊل 4 ۽ زچ فولڪس هڪ رنسن تي آئوٽ ٿيا. ويسٽ انڊيز لاءِ، جيڊن سيل، اينڊرسن فلپ ۽ جسٽن گريوز 2-2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ڪيمار روچ ۽ روسٽن چيس هڪ-هڪ وڪيٽ ورتي.