| مائيڪل اسمٿ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو نئون بيٽنگ ڪوچ مقرر: انگلينڊ خلاف سيريز ۾ ذميواريون نڀائيندو |
لاهور (اسپورٽس نيوز) جنوبي آفريڪا جي اڳوڻي فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر مائيڪل اسمٿ کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. پي سي بي مائيڪل اسمٿ جي مقرري جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، مائيڪل اسمٿ ريڊ بال ۽ وائيٽ بال ٽيمون سان گڏ ڪم ڪندو. 46 سالن جي مائيڪل اسمٿ کي ٻن سالن لاءِ بيٽنگ ڪوچ مقرر ڪيو ويو آهي. مائيڪل اسمٿ فرسٽ ڪلاس، لسٽ اي ۽ ٽي-20 ۾ 7 هزار 029 رنز ٺاهيون، جڏهن ته پنهنجي ڪيئرير ۾ 9 سينچريون ۽ 40 اڌ سينچريون اسڪور ڪيون. مائيڪل اسمٿ ليول فور ڪوچنگ ڪواليفڪيشن رکي ٿو ۽ ٽن ايڇ بي ايل پي ايس ايل فرينچائيزز جي ڪوچنگ اسٽاف جو حصو رھي چڪو آھي. مائيڪل اسمٿ هوبارٽ هريڪينز ۽ ڪرڪيٽ تسلمانيا جو بيٽنگ ڪوچ رھي چڪو آھي. نئون بيٽنگ ڪوچ مائيڪل اسٽوارٽ انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ ٽيم کي جوائين ڪندو. پاڪستان ۽ انگلينڊ وچ ۾ ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز 19 آگسٽ کان شروع ٿيندي.