لنڊن (اسپورٽس ڊيسڪ) اڳوڻي انگلش ڪپتان مائيڪل وان ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ 2026 ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪندي ان کي ٽورنامينٽ جي ”سڀ کان بيوقوف ٽيم“ قرار ڏئي ڇڏيو. هڪ بيان ۾ مائيڪل وان چيو ته ڏکڻ آفريڪا سپر ايٽ مرحلي ۾ اهڙا نتيجا حاصل ڪيا جن نيٺ ٽورنامينٽ جو رخ ئي موڙي ڇڏيو. مائيڪل وان جو چوڻ هو ته سپر ايٽ ۾ ويسٽ انڊيز خلاف ڏکڻ آفريڪا جي ڪاميابي اڻ سڌي طرح ڀارتي ٽيم کي ٽورنامينٽ ۾ برقرار رهڻ جو موقعو ڏنو. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ڏکڻ آفريڪا ويسٽ انڊيز کان هارائي وڃي ها ته ڀارت شايد سپر ايٽ مرحلي ۾ ئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وڃي ها. وان چيو ته بعد ۾ ڀارت زمبابوي ۽ ويسٽ انڊيز کي شڪست ڏئي مقابلي ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪري ورتي. هن وڌيڪ چيو ته وڏا ايونٽ کٽڻ لاءِ اڪثر مضبوط ٽيمن کي شروعاتي مرحلي ۾ ئي مقابلي مان ٻاهر ڪرڻ هڪ اثرائتي حڪمت عملي ثابت ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا گروپ مرحلي ۽ سپر ايٽ ٻنهي ۾ شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ ناقابلِ شڪست رهندي سيمي فائنل تائين پهتي هئي.
ان باوجود به ڪولڪتا جي ايڊن گارڊنز ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ ڏکڻ آفريڪا کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو.