مائيڪيل جيڪسن تي فلم “مائيڪل”  24 اپريل تي ايندي 

مائيڪيل جيڪسن تي فلم “مائيڪل”  24 اپريل تي ايندي 

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) جڳ مشهور سنگر مائيڪل جيڪسن جي لاڏاڻي جي 17سالن بعد خاندان جي منظوري سان ٺاهيل پهرين سرڪاري بايوپڪ “مائيڪل” 24 اپريل تي سڄي دنيا ۾ رليز ٿيندي،  ‘مائيڪل’ جو ٽريلر نومبر 2025 ۾ رليز ٿيو، جنهن کي رڳو 24 ڪلاڪن ۾ 116 ملين ڀيرا ڏٺو ويو، جيڪو ڪنهن به موسيقي جي بايوپڪ لاءِ هڪ رڪارڊ آهي. مائيڪل سان مشابهت رکندڙ سندس ڀائٽيو جعفر جيڪسن فلم ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري ٿو. 2011 ۾ هاورڊ ميڊيڪل اسڪول جي هڪ رپورٽ ۾ چيو ويو هو ته 50 سالن جي جيڪسن جو موت پروپوفول نالي هڪ طاقتور اينسٽيٿڪ دوا سبب ٿي، سندس خلاف مختلف سنگين الزام اڃا تائين آمريڪي عدالتن ۾ التوا ۾ آهن، هوڏانهن فلم جي ايگزيڪيوٽو پروڊيوسر راب ڪولڊ اسٽريم چيو ته اسان مائيڪل جيڪسن بابت سڀ حقيقتون غير جانبدار انداز ۾ پيش ڪيون آهن.