تازا ترين
  • *لاڙڪاڻو: ويهڙ ٿاڻي جي حد ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو *مقابلي دوران ڏوهاري زخمي ٿيو، جنهن بعد ۾ دم ڏئي ڇڏيو: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري وٽان ڪلاشن ڪوف ۽ گوليون هٿ: پوليس *مارجي ويل ڏوهاري جي سڃاڻپ نادر پٽ عبدالرحمان لاشاري طور ٿي: پوليس*
  • * سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ملڪ اندر اٽي سميت ٻين شين جي بحران خلاف اپيل تي ٻڌڻي *عدالت ڊي جي بيورو اينڊ سپلائي کان لکت ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي *عدالت چيف سيڪريٽري کي 3 فيبروري تي پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو*
  • *جروار ڀرسان 7 مهينا اڳ ڪنڊير شاخ مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ وارو مامرو *جروار پوليس پاران مقتول نبي بخش بوزدار جي وارثن جي نشاندهي تي 3 ڄڻا گرفتار *شهمير لغاري، سڌير لغاري ۽ جيوڻ لغاري کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ منتقل ڪيو ويو: پوليس ذريعا *مقتول جي وارثن ڪوڙو الزام لڳايو، پوليس 3 ڄڻن کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي: نهال لغاري*
  • *ڏاهلي ڀرسان عمرڪوٽ ويندڙ تيز رفتار جيپ ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ڪلٽي، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي /*ڇاڇرو:جيپ ڪلٽي ٿيڻ سبب جبار پٽ دودو نهڙي فوت ٿي پيو *ڇاڇرو: فوتي جو لاش ۽ زخمين کي عمرڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو*

ماتا جي بيماري جا اثر……ڊاڪٽر لوسن لکاڻي

ماتا ھڪ خطرناڪ ۽ وچڙندڙ بيماري آھي جيڪا انسانن توڙي جانورن ۾ ٿئي ٿي. انھي بيماري کي مختلف نالن سان سڏيو وڃي ٿو، پر ھر جانور جي نالي جي حساب سان سڏبي آهي. مثال طور، ڳائي مال ۾ مات (Cow Pox)، ٻڪرين ۾(Goat Pox) ، اٺن ۾ ماتا (Camel Pox) ، گهوڙن ۾ (Horse Pox) ، رڍن ۾(Sheep Pox) ٿيندي آهي، ساڳي ريت ڪڪڙن ۾ به ماتا ٿيندي آهي، ان کي (Chicken Pox) سڏيو ويندو آهي.
رڍن واري ماتا (Sheep Pox) ۽ سهي واري ماتا (Rabbit Pox) اهي ٻئي هوا جي ذريعي پکڙجن ٿيون، جڏهن ته گهوڙن جي ماتا (Horse Pox) ۽ فائول پاڪس (Fowl Pox) چمڙي جي ذريعي پکڙجن ٿيون. هي بيماري جيڪڏهن جانور يا انسان کي هڪ ڀيرو ٿي وڃي ته پوءِ سڄي زندگي ماتا جي بيماري کان محفوظ ٿي ويندا آهن.
مينهن ۾ ماتا (Buffalo Pox) 1990 ۾ انڊيا جي رياست مهاراشٽرا (Maharashtra) ۾ ڏٺي وئي.
هن بيماري جا 4 مرحلا ٿيندا آهن جيڪي هيٺ لکجن ٿا.
1- پيپيولر مرحلو (Papular Stage)
هن مرحلي ۾ جسم تي ڳاڙها ۽ ننڍا داڻا نڪري پوندا آهن ۽ اهي داڻا انهن هنڌن تي نظر ايندا آهن، جتي وار تمام گهٽ هجن يا وري بلڪل نه هجن.
2- وئسڪيولر مرحلو (Vascular Stage)
هي ٻيو مرحلو آهي، جنهن ۾ جيڪي ڳاڙها داڻا هئا، انهن ۾ آهستي آهستي پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ اهي ڦوڪڻي جهڙي شڪل اختيار ڪري ويندا آهن.
3- پسچيولر مرحلو (Pustular Stage)
هن مرحلي ۾ انهن داڻن جي پاڻيءَ ۾ وڌيڪ ٻيون شيون ملي وينديون آهن ۽ پاڻي گهاٽو ٿي ويندو آهي.
4- اسڪئب/ڪڙي ٻڌجڻ مرحلو (Scab Stage)
هن مرحلي ۾ جيڪي داڻا هوندا آهن اهي ڦاٽي پوندا آهن ۽ سڪي ويندا آهن، سڪي وڃڻ کانپوءِ انهن تي هڪ قسم جي ڪِڙي ٻڌجي ويندي آهي، جيڪا زخم جي اڀرڻ يا صحيح ٿيڻ جي نشاني آهي.
نشانيون (Symptoms)
ڪيتريون ئي نشانيون آهن، جيڪا هن بيماري کي سڃاڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿينديون آهن، ڪجهه نشانيون هيٺ لکجن ٿيون.
چوپائي مال جو اوهه (Udder) گرم ٿي ويندو آهي ۽ سوڄ ٿي ويندي آهي، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ٿڻن تي ڳاڙها داڻا نڪري ايندا آهن، کير ڏهڻ وقت ٿڻن ۾ سور محسوس ٿيندو آهي. جانور گاهه گهٽ کائيندو آهي پر اوڳر صحيح ڪندو آهي، اهي داڻا ڪجهه هفتن کان پوءِ سڪي ويندا آهن.
ماتا جي بيماري گهڻو اثر رڍن تي خراب اثر ڏيکاريندي آهي ۽ رڍن لاءِ وڌيڪ نقصان ڪار يا موتمار ثابت ٿيندي آهي. هن بيماري جي ڪا به موسم نه آهي، اها ڪهڙي به موسم ۾ ٿي سگهي ٿي. هن بيماري ۾ جيڪي ڦلوڪڻا ٿيندا آهن، اهي جيڪڏهن جانورن جي اکين تي ٿي وڃن ته جانور کي انڌو ڪري ڇڏيندا آهن.
علاج
هن بيماري ۾ جانورن کي بخار ٿيندو آهي تنهن ڪري انهن کي فيور مڪسچر (Fever Mixture) پيئارجي. جڏهن ته جانورن جي جسمن تي جيڪي ڦلوڪڻا ٿي پوندا آهن ۽ انهن جاين تي تي زخم ٿي پوندا آهن، تن جاين تي بورڪ (Boric)، ڪاربولڪ (Carbolic) ۽ ڪئمفر (Camfer) لڳائجي. جيڪو کير ٿڻن مان ڪڍجي ان کي گرم ڪري استعمال ڪجي. برتن گرم پاڻي سان ڌوئي صاف رکجن.
جانورن جي صحيح طرح سان سنڀال ڪرڻ گهرجي، واڙن کي صاف رکڻ گهرجي. ان سان گڏ جانورن کي وئڪسين لازمي طور ڪرائجي ته جيئن اهي بيماري کان بچي سگهن ۽ سٺي پيداوار ڏئي سگهن.

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *