ماتلي اسپتال ۾ عورت ڌيءُ ڄڻڻ بعد فوت، ڊاڪٽرياڻي تي الزام، لاش رکي 2 ڪلاڪ ڌرڻو

ماتلي اسپتال ۾ عورت ڌيءُ ڄڻڻ بعد فوت، ڊاڪٽرياڻي تي الزام، لاش رکي 2 ڪلاڪ ڌرڻو

ماتلي (ن پ ا) ماتلي شھر  ۾  نجي اسپتال ۾ آيل ڳورھاري عورت  آپريشن دوران ليڊي  ڊاڪٽرياڻي جي مبينا غفلت سبب فوت وارثن جو اسپتال اڳيان لاش رکي ٻه ڪلاڪ ڌرڻو حيدرآباد ۽ بدين روڊ بند سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر پريشان ۽ ڌرڻو شھر کان ٻاھر بدين باء روڊ تي منتقل  تفصيل موجب ماتلي ويجھو ڳوٺ بشيرآباد واسي عبدالواحد خاصخيلي پنھنجي گھرواري 22. ورھين جي  عزينه خاصخيلي کي رات جو  ويم لاء ھڪ نجي اسپتال آندو، آپريشن دوران نياڻي کي جنم ڏنو، ھوش ۾ نه اچڻ تي ڊاڪٽرياڻي کين ريفر ڪيو ته ھو فوت ٿي وئي، ٻئي طرف ناري جي مڙس واحد خاصخيلي ۽ ناري جي پيء ڪرڻ خاصخيلي ميڊيا سان ڳالھائيندي ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي جي غفلت سبب ڇوڪري فوت ٿي آھي ھنن جو چوڻ ھو ته ڊاڪٽرياڻي بيھوشي جو انجيڪشن ھنيو ان ري ايڪشن ڪيو ۽ عزينه ھوش ۾ نه آئي  جنھن کانپوء ڊاڪٽرياڻي پنھنجي غفلت لڪائيندي اسان کي حيدرآباد ريفر ڪيو اتي پھتاسين ته حيدرآباد سول اسپتال جي ڊاڪٽرن عزينه جي فوت ٿيڻ جو ٻڌايو وارثن جو چوڻ آھي ڊاڪٽرياڻي اسان سان ظلم ڪيو آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي،  ٻئي طرف اسپتال اڳيان لڳل ڌرڻو وارثن  بدين باء پاس منتقل ڪيو جتي پڻ ھڪ ڪلاڪ ڌرڻو جاري رھيو ان موقعي ڊي ايس پي ماتلي ۽ ايس ايچ او ماتلي خاصخيلي برادري پاران ھنيل ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاء وارثن سان ڳالھيون ڪيون  فوتي ناري جي وارثن پوليس کان  ھڪ ئي مطالبو ڪيو ته ڊاڪٽرياڻي خلاف ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ کيس گرفتار ڪرڻ  تائين ڌرڻو ختم نه ٿيندو روڊ جي ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت پريشانين کي منھن ڏيئي رھيا ھئا، بعد ۾ دير سان پوليس ۽ مظاھرين ۾ ڳالھيون ڪامياب ٿيون،  ليڊي ڊاڪٽرياڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ جي حامي تي وارثن ڌرڻو ختم ڪيو.