بدين(رپورٽر) ماتلي ۾ انتظاميا عورتن کي ثقافتي ريلي ڪڍڻ کان روڪي ڇڏيو، ماتلي جي عورتن پاران مزمل باري جي اڳواڻي ۾ ڪالهه عورتن جي ثقافتي ۽ جاڳرتا ريلي ڪڍڻ جي اعلان ڪيو هو
جي يو آءِ ۽ ٽي ايل پي ماتلي جي اڳواڻن سخت اعتراض واريندي ريلي کي روڪرائڻ لاءِ ايس ايس پي بدين کي درخواست ڏني هئي ۽ ماتلي تعلقي انتظاميا کي ريلي روڪرائڻ لاءِ زور ڀريو هو
اڳواڻن ڌمڪي ڏيندي چيو هو ته جيڪڏهن انتظاميا عورتن جي ريلي کي نه روڪيو ته سندن ڪارڪن ريلي کي روڪيندا، اھڙي صورتحال کان پوءِ ڊي ايس پي ماتلي امن ڪميٽي جي اڳواڻن ۽ شھري اڳواڻن کي گهرائي گڏجاڻي ڪئي جنهن ۾ عورتن کي ريلي ڪڍڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو