ماتلي ۾ جوابدار سهري ۽ گهرواري کي قتل ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي

جُون 11, 2023

ماتلي(رپورٽ: نياز خاصخيلي) ڦلڪارا شھر ۾ ناٺي پنھنجي سھري ۽ گھرواري کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري پاڻ مٿان به پسٽل جا فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھائي ڇڏيو.

اعظم چانڊيو سندس سھري جي گھر ۾ داخل ٿي پنھنجي گھرواري ثمرين چانڊيو ۽ سھري تاج محمد چانڊيو کي قتل ڪري پاڻ مٿان فائر ڪري زندگي جو ڏيئو اجھايو.

ٽنھي جا لاش ڦلڪارا پوليس تعلقه اسپتال ماتلي کڻائي آئي، جتي سندس پوسٽ مارٽم ڪيو ويو.

شهرين جو چوڻ آھي اعظم چانڊيو جو سھرو تاج محمد، اعظم کي پنھنجي گھرواري ثمرين سان ملڻ نه ڏيندو ھو ۽ نه گھر ڇڏيندو ھو جنھن جي ڪري اعظم ڪاوڙ ۾ اچي واقعو ڪيو.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا

  • ساڍا 4 سئو پاڪستاني وطن واپس

  • ايران جو وڏو جواب، اسرائيل مٿان 50 ميزائل فائر

  • ڀارت، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪري پيو: بلاول