| ماتلي ۾ ريڙها لڳائڻ تان ميونسپل عملي ۽ جسقم اڳواڻن ۾ جھيڙو، 2 گرفتار |
ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ ايريگيشن آفيس جي سامھون ريڙھا لڳائڻ تان ميونسپل ڪميٽي جي انڪروچمنٽ سيل ۽ جسقم اڳواڻ ۾ ٿيل تڪرار ۽ جسقم اڳواڻ شيراز زنگيجو ۽ سندس چاچو مختيار زنگيجو شڪايت کڻي ميونسپل ڪميٽي ماتلي آفيس پھتا ته ميونسپل عملي شيراز زنگيجو ۽ مختيار زنگيجو ۾ جھيڙو ٿي پيو جھيڙي واري ھنڌ ماتلي پوليس شيراز ۽ مختيار کي گرفتار ڪري ماتلي ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو جڏھن ته ميڊيا سان ڳالھائيندي شيراز ۽ مختيار زنگيجو جو چوڻ آھي ته ميونسپل جي انڪروچمنٽ عملي غريب ۽ پورھيت طبقي لاء آزار بڻجي ويا آھن ريڙھن وارن کي زورگار نٿو ڪرڻ ڏنو وڃي شھر جي روڊن تي به ريڙھا بيٺل آھن انھن کي ڪير نٿو ھٽائي ۽ ايريگيشن جي آفيس سامھون ڪجھ غريب ريڙھي وارا پيٽ گذر ڪن ٿا انھن کي ميونسپل جو عملو تنگ ڪري ٿو ان جي شڪايت کڻي ميونسپل ڪميٽي پھتاسين ته عملي حملو ڪري ڏنو ٻئي طرف ميونسپل ڪميٽي پاران موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته ڪجھ شرپسند ميونسپل ڪميٽي تي حملو ڪرڻ آيا ھئا جن کي پوليس گرفتار ڪيو آھي جڏھن ته ماتلي ٿاڻي تي ميونسپل ملازم جانب ڇلگري جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.