ماتلي ۾ هٿياربندن جي فائرنگ، شاعر ۽ 13 ڪتابن جو ليکڪ “رمضان دلدار” بيدردي سان قتل
مارچ 11, 2025
ماتلي(رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي جي وچ شھر ۾ نامعلوم ھٿياربندن فائرنگ ڪري نالي واري تاريخدان، تخليقڪار، شاعر ۽ 13 کان وڌيڪ ڪتابن جي مصنف محمد رمضان چڍڙ “رمضان دلدار” کي بيدردي سان قتل ڪري فرار ٿي ويا، رمضان دلدار دستور مطابق گھر جي لاءِ سبزي ڀاڄي وٺڻ لاءِ جيئن ئي شھر جي ھڪ مارڪيٽ ۾ پھتو ته سندس تاڙ ۾ بيٺل ٻن نامعلوم ھٿياربندن سندس مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جيڪي سندس چھري تي لڳا، جنھن سبب ھو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويو، قاتلن طرفان رمضان دلدار جي فوتگي جي تصديق ٿيڻ کانپوءِ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي فرار ٿي ويا، واقعي وقت مارڪيٽ ۾موجود ماڻھن ۾ ڀاڄ پئجي وئي ۽ دڪاندارن پنهنجي دڪانن جا دروازا بند ڪري پاڻ کي دڪانن اندر بند ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ماتلي پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي واقعي واري ھنڌ کي رسيون ٻڌي بند ڪري ڇڏيو ۽ لاش کي ايڌي ايمبولينس ذريعي تعلقي اسپتال پھچايو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويو، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن جي ٽيم رمضان دلدار کي پسٽل جون پنج گوليون لڳڻ جي تصديق ڪئي آهي، ڊاڪٽرن مطابق فوتي کي چار گوليون مٿي ۾ ۽ ھڪ گولي سيني ۾ ھنئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته شھر جي وچ ۾ قتل جي واقعي جي گھڻ رخي جانچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو، ھوڏانھن فوتي جي وارثن جو چوڻ آهي ته واقعي بابت ٽيجهي کانپوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي، ھوڏانھن شھر اندر قتل جي واقعي بابت مختلف قسم جا چوٻول ھلي رھيا آهن، فوتي رمضان دلدار ماتلي سميت ڀرپاسي وارن علائقن جي تاريخ پنهنجي ڪتابن ۾ لکي آهي، سندس لکيل ڪتاب ۾ ٻه واٽي تي بيٺل ڇوڪري، ماتلي جي تاريخ، چڍڙ برادري جي تاريخ، جنگ جاري رھندي ۽ جيئڻ جو حق سميت 13 ڪتاب لکيا آهن، رمضان دلدار چڍڙ کي سوين آلين اکين سان مولوي نظر محمد قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ قومپرست تنظيمن جي ڪارڪنن، سول سوسائٽي جي نمائندن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
پوليس ٻئي جوابدار پڪڙي ورتا، پلاند ۾ قتل ڪيو: جوابدار
ماتلي: رمضان دلدار چڍڙ جي بيرحماڻي قتل واري معاملي ڊي ايس پي ماتلي اعجاز احمد بھڻ جو چوڻ آھي ته رمضان دلدار چڍڙ جي قتل ۾ ملوث ٻئي جوابدار پوليس گرفتار ڪيا آھن، جوابدار عبدالجبار ۽ غلام مجتبي جت رمضان دلدار کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آھي، ڪارڻ اھو ڄاڻايو آھي ته چار مھينا اڳ رمضان دلدار چڍڙ جي پٽ اسان جي ھڪ عورت کڻي ويو ھو، اسان راڄ جي چڱن کي چيو پر ھنن اسان جي ڇوڪري واپس نه ڪئي ۽ اسان کي ڌمڪيون ڏيندا رھيا ته اوھان جون ٻيون به عورتون کڻنداسين، جنھن کانپوءِ اسان غيرت ۾ اچي اھو قدم کنيو آھي.
رمضان دلدار چڍڙ ماتلي جو اثاثو هو، خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي: سنڌي ادبي سنگت
ماتلي: سنڌي ادبي شاخ اڳواڻن مسافر ھاليپوٽو، يونس رستماڻي ۽ سرائي جاويد اختر جو چوڻ ھو رمضان دلدار چڍڙ ماتلي جو اثاثو ۽ کيس سنڌ جي تاريخ بابت وڏي ڄاڻ ھئي، ھن سدائين محبت ورھائي ھئي، ھنن جو ڌيڪ چوڻ ھو ته دلدار چڍڙ اديب سان گڏ وڏو ليکڪ به ھو، سڄي زندگي سادگي ۾ گذاريائين، سندس قتل جي ماتلي ادبي سنگت مذمت ڪندي خون سان انصاف ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ماتلي شهر ۾ ٻيو ڀيرو قتل جي واردات ٿيڻ تي سڄاڻ حلقن ۾ ڳڻتي لهر ڇانيل
ماتلي: شھر جي سڄاڻ حلقن کي به ڳڻتي ورائي وئي آھي، ماتلي شھر ۾ ھي ٻيو واقعو آھي جو ھٿيار بند اچن ٿا، ماڻھو ماري ھليا وڃن ٿا، رمضان دلدار چڍڙ کان اڳ ماتلي جي ھڪ واپاري کي به اھي ٽارگيٽ ڪري ماريو ويو ھو، ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي بدين کان معاملي جي مڪمل جانچ جو مطالبو ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جي گھر ڪئي آھي.