سڄي دنيا اڄڪلھ هڪ ئي وقت ٽي وڏا بحران ڀوڳي رهي آهي، موسمياتي تبديلي، قدرتي ماحول جي تيز رفتار تباهي، ۽ وڌندڙ آلودگي۔ گڏيل قومن جي ماحولياتي اسيمبلي (UNEA) انهن بحرانن سان منهن ڏيڻ لاءِ 2026 کان 2029 تائين ايندڙ چئن سالن جي حڪمت عملي تيار ڪري رهي آهي۔ پر قراردادَن جي مسودن تي ٿيندڙ بحث اهو ظاهر ڪري ٿو ته مسئلو اهو ناهي ته بحران موجود آهن يا نه، پر اصل سوال اهو آهي ته انهن بحرانن جي ذميواريءَ جو بار ڪير کڻندو ۽ ڪير پنهنجي مراعتن تان هٿ کڻندو۔ نيروبي ۾ ٿيندڙ اها ڪانفرنس، جيڪا ظاهري طور ماحوليات جي تحفظ لاءِ منعقد ڪئي وئي آهي، دراصل ان عالمي نظام جي عڪاسي به ڪري ٿي، جتي طاقت، سرمايو ۽ مفاد، ڌرتي، هوا ۽ انسان جي بقا تي فوقيت حاصل ڪري وڃن ٿا۔ نيروبي ۾ جاري گڏيل قومن جي ماحولياتي ڪانفرنس ان ڳالھ جو چٽو ثبوت آهي ته ماحولياتي بحران هاڻي رڳو سائنسي يا فطري مسئلو نه رهيو آهي، پر اهو هڪ گهرو سياسي، معاشي ۽ سماجي سوال بڻجي چڪو آهي۔ هتي فيصلا وڻن، دريائن ۽ هوا لاءِ گهٽ، جڏهن ته توانائي، سيڙپڪاري ۽ منافعي لاءِ وڌيڪ ٿي رهيا آهن۔
هڪ پاسي فوسل فيول لابي آهي، جيڪا تيل، گئس ۽ ڪوئلي جي لڳاتار استعمال لاءِ ٻولي ۾ لچڪ ۽ مبهم اصطلاحن جي حمايت ڪري ٿي، جيئن مستقبل ۾ به سندن ڪاروباري دروازا کليل رهن۔ ٻي پاسي ماحول دوست گروپ ۽ متبادل توانائي جا حامي آهن، جيڪي چاهين ٿا ته فيصلا واضح، سخت ۽ عملي هجن، ڇاڪاڻ ته گڏيل قومن جي منظوري رڳو سفارتي ڪاميابي نه، پر اهو سياسي ۽ اخلاقي جواز به مهيا ڪري ٿي، جنهن جي بنياد تي رياستون پنهنجون پاليسيون طئي ڪن ٿيون. ڳڻتيءَ جوڳو پهلو اهو آهي ته ڪيترائي ملڪ ڄاڻي واڻي موسمياتي تبديليءَ بابت سگھاري آواز کي ماٺو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن۔ ان سان گڏ هڪ ٻيو به خطرناڪ رجحان سامهون آيو آهي، ماحوليات بابت پاليسي سازي ۾ مقامي آبادي، خاص طور عورتن جي شموليت کي يا ته رڳو رسمي حد تائين محدود ڪيو پيو وڃي يا مڪمل طور نظرانداز ڪيو پيو وڃي۔ جڏهن ته حقيقت اها آهي ته ماحولياتي تباهي جو سڀ کان وڏو بار انهن ئي طبقن تي پوي ٿو، جيڪي فيصلا سازي جي عمل کان ٻاهر رکيا وڃن ٿا۔
اهو ئي عالمي منظرنامو اسان کي پاڪستان، خاص طور سنڌ جي صورتحال تي سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو۔ پاڪستان انهن ملڪن مان آهي، جيڪي موسمياتي تبديلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيا آهن، جڏهن ته عالمي آلودگي ۾ ان جو حصو نهايت گهٽ آهي۔ ٻوڏون، شديد گرمي، پاڻيءَ جي کوٽ، سامونڊي علائقن ۾ سمنڊ جو چاڙھ ۽ زرعي زمينن جي تباهي هاڻي مستقبل جا خدشا نه، پر حقيقت بڻجي چڪا آهن۔
سنڌ هن بحران کي ڀوڳي رهي آهي، هڪ پاسي ڪراچي ۽ ٻيا شهر آهن، جتي وڏيون اڏاوتون، سيمينٽ جو استعمال ۽ صنعتي آلودگي هوا کي زهرآلود بڻائي رهيا آهن، ته ٻي پاسي سنڌ جا ڳوٺاڻا علائقا آهن، جتي موسمي تبديلي سبب برساتون، ٻوڏ يا پاڻيءَ جي کوٽ يعني سوڪهڙو ۽ زمين جي زرخيزِي ۾ گهٽتائي لکين ماڻهن جي زندگين کي عذاب بڻائي ڇڏيو آهي۔ پر ان سڀ جي باوجود، ترقي جو تصور اڄ به وڌيڪ ڪنڪريٽ، وڌيڪ سيمينٽ ۽ وڌيڪ منافعي جي چوڌاري گهمي ٿو۔ انگ اکر ان ترقي جي ماحولياتي نقصانن کي وائکو ڪن ٿا۔ پاڪستان ۾ 1990 کان 2020 تائين هوا ۾ آلودگي ۾ 687 سيڪڙو واڌ ٿي آهي۔ آلودگيءَ جو چارج ٿيڻ لڳ ڀڳ 27 لک ٽن مان وڌي 2 ڪروڙ 10 لک ٽن جي لڳ ڀڳ پهچي چڪو آهي، ۽ ان ۾ وڌيڪ واڌ جو به خدشو آهي۔ هن آلودگي ۾ سيمينٽ انڊسٽري جو ڪردار نهايت نمايان آهي، جيڪا نه رڳو ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي چارج ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي، پر قدرتي وسيلن جي حد کان وڌيڪ استعمال جو سبب پڻ آهي۔ اهڙي صورتحال ۾ نيروبي ۾ سامهون آيل متبادل ماڊل پاڪستان لاءِ خاص اهميت رکي ٿو۔ ڪينيا جي علائقي لائڪيپيا ۾ ڪمپريسڊ ارٿ بلاڪ (CEB) ٽيڪنالاجي تحت تيار ٿيندڙ مٽيءَ جا بلاڪ ان ڳالھ جو ثبوت آهن ته ترقي جو مطلب لازمي طور ماحول جي قرباني ناهي۔ اهي بلاڪ عام مٽيءَ ۾ ٿوري مقدار ۾ سيمينٽ ملائي، مشيني پريس ذريعي تيار ڪيا وڃن ٿا، جيڪي روايتي سيمينٽ بلاڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ ڪاربان خارج ڪن ٿا، سستا آهن ۽ مقامي ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت تيار ڪري سگهن ٿا۔ هي ماڊل اصل ۾ اسان کي ان روايتي علم ڏانهن واپس وٺي وڃي ٿو، جيڪو صدين تائين ڏکڻ ايشيا سميت دنيا جي مختلف علائقن ۾ رائج رهيو آهي۔ مٽي، ڪاٺ ۽ قدرتي مواد سان ٺهيل رهائش نه رڳو ماحول دوست هوندي هئي، پر مقامي موسمي حالتن سان به هم آهنگ هوندي هئي۔ سنڌ جي تاريخ ان جي شاهد آهي، موھن جي دڙي کان وٺي ڳوٺاڻن گهرن تائين، جتي اڏاوتن ۾ مقامي وسيلن ۽ فطري توازن جو خاص خيال رکيو ويندو هو۔
اڄ ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ترقي جي ان تصور تي نظرِ ثاني ڪئي وڃي، جيڪو قبضي مافيا، وڏين تعميراتي ڪمپنين ۽ سيمينٽ انڊسٽري جي مفادن جي چوڌاري ڦري ٿو۔ جيڪڏهن حڪومت واقعي ماحول جي تحفظ ۾ سنجيده آهي ته ان کي پاليسي سطح تي اهڙن متبادل تعميراتي موادن کي هٿي ڏيڻي پوندي، جيڪي گهٽ ڪاربان، گهٽ لاڳت وارا ۽ مقامي سطح تي قابلِ عمل هجن۔ سي اي بي جهڙا مواد نه رڳو ماحولياتي نقصان کي گهٽائي سگهن ٿا، پر خاص طور ڳوٺاڻن ۽ نيم شهري علائقن ۾ روزگار جا نوان موقعا به پيدا ڪري سگهن ٿا۔ سنڌ جهڙي پرڳڻي ۾، جتي هڪ پاسي هائوسنگ جو سخت بحران آهي ۽ ٻي پاسي موسمياتي آفتن جي شدت وڌي رهي آهي، ماحول دوست ۽ سستي رهائش وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت بڻجي چڪي آهي۔ پر بدقسمتي سان پاليسي سازي ۾ عوامي مفاد بدران طاقتور لابيون ترجيح حاصل ڪن ٿيون۔ نتيجي ۾ نه ماحول محفوظ رهي ٿو ۽ نه ئي عام ماڻهوءَ کي باعزت ۽ محفوظ رهائش ملي ٿي۔
نيروبي ڪانفرنس اسان کي اهو سوال ڪرڻ تي مجبور ڪري ٿي ته ڇا عالمي قيادت واقعي ماحول سان گڏ بيهندي يا وري هڪ ڀيرو ٻيهر مبهم ٻولي، ڪمزور فيصلن ۽ طاقتور مفادن آڏو جهڪي پوندي؟ اهو ئي سوال پاڪستان ۽ سنڌ لاءِ به آهي۔ ڇا اسان ترقي جي نالي تي پنهنجي ڌرتي، پنهنجي هوا ۽ ايندڙ نسلن کي گروي رکي ڇڏينداسين، يا هاڻي اهو وقت اچي ويو آهي ته ماضي جي علم ۽ جديد سائنسي سمجھ کي گڏ ڪري اهڙو رستو اختيار ڪجي، جيڪو انسان ۽ ماحول ٻنهي لاءِ پائيدار هجي؟ فيصلو رڳو ڪانفرنس هالن ۾ نه ٿيندو، پر انهن پاليسين ۾ ٿيندو، جيڪي اسين پنهنجن شهرن، ڳوٺن ۽ گهرن لاءِ جوڙيون ٿا۔ جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجو رخ درست نه ڪيو ته سڀاڻي نه مٽي بچندي، نه گهر، ۽ نه ئي اها هوا، جنهن ۾ ساهه کڻڻ ممڪن هوندو۔