ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: شرجيل 

ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي: شرجيل 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ماحولياتي تحفظ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.  انهي لاءِ گڏيل قدم کڻڻ ضروري آهن. موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي گدلاڻ جهڙا مسئلا نه رڳو پاڪستان پر سڄي دنيا لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن. ڌرتي جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته سنڌ حڪومت ماحول جي تحفظ لاءِ مختلف رٿائن تي ڪم ڪري رهي آهي. ماحول جي تحفظ لاءِ عوام جو سھڪار ۽ ڪردار اڻٽر آهي. ھن چيو ته عوام کي وڻ لڳائڻ، پاڻي ضايع ٿيڻ کان بچڻ ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ جهڙن قدمن کي پنهنجي روزاني زندگي جو حصو بڻائڻ گهرجي. سنڌ حڪومت هڪ صاف، سرسبز ۽ جٽادار ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.