ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي تي 27 سِرن جا بٺا سيل

جُولاءِ 20, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت پاران ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙي تي سرن جي بٺي مالڪن خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي

عمرڪوٽ ۾ 27 سرن جا بٺا سيل ڪري 13 خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا، اهڙي تصديق ماحوليات واري وزير اسماعيل راهو ڪئي آهي

صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته سنڌ ۾ مالڪ رڳو جديد زگ زيگ ٽيڪنالاجي تي سرن جا بٺا هلائي سگهن ٿا، عمل نه ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي ويندي

Leave A Comment