| مادورو جو اغوا رياستي دهشتگردي، ملڪي دفاع ڪنداسين: ايران/وينزويلا |
ڪاراڪس/تهران: ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي وينزويلا جي پرڏيهي وزير ايوانيش پنٽو سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. ٻنهي اڳواڻن تازي صورتحال ۽ وينزويلا تي تازي آمريڪي حملي جي اثر تي ڳالهايو. ايراني نيوز ايجنسي موجب عباس عراقچي آمريڪي فوجي ڪارروائي جي سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته وينزويلا جي جائز صدر ۽ سندس زال جو اغوا رياستي دهشتگردي ۽ هن ملڪ جي خودمختياري تي کليل حملو آهي. عراقچي صدر نڪولس مادورو، سندس حڪومت ۽ ماڻهن لاءِ ايران جي مڪمل حمايت کي ورجايو. ايران ۽ وينزويلا ڊگهي عرصي کان ويجها اتحادي رهيا آهن. وينزويلا جي پرڏيهي وزير ايران جي حمايت لاءِ پڻ شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته وينزويلا جا ماڻهو ۽ حڪومت آمريڪا جي غيرقانوني ۽ جبري پاليسين جي خلاف پنهنجي خودمختياري ۽ خود اراديت جي حق جي دفاع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.