| مادورو جي ملڪ ۾ خوف، ماڻهو گهرن تائين محدود، مظاهرا |
ڪاراڪس: صدر مادورو جي اغوا بعد وينزويلا ۾ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا پر ماڻهو گهرن تائين محدود رهيا. پهرئين ڏينهن تي خالي گهٽيون نظر آيون. جڏهن ته شهري دڪانن تي کاڌو ۽ ٻيون شيون خريد ڪرڻ لاءِگڏ ٿي ويا. بي بي سي موجب غير يقيني صورتحال جي ڪري ماڻهو سپر مارڪيٽن ۽ دڪانن تي کاڌو ۽ پيئڻ جو پاڻي حاصل ڪرڻ لاءِ قطارون ٺاهي بيٺا رهيا ٻئي طرف ڪيترن ئي هنڌن تي، حڪومت جي حامي صدر مادورو جي واپسي جو مطالبو ڪرڻ لاءِ احتجاج پڻ ڪيو ويو.وائس آف جرمني موجب وينزويلا وڏي حد تائين پرسڪون هو. گاديءَ واري هنڌ ڪاراڪاس ۾ ننڍا مظاهرا ڏٺا ويا، پر عوام ۾ ڪا وڏي لهر نه هئي. ميڊيا رپورٽن موجب فوج جا سپاهي ڪجهه علائقن ۾ گشت ڪري رهيا آهن.