مادورو خلاف ڪارروائي جي نگران آمريڪي نائب صدر جي گهر تي حملو

مادورو خلاف ڪارروائي جي نگران آمريڪي نائب صدر جي گهر تي حملو

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي گهر تي اڻڄاتل ماڻهن حملو ڪري دريون ڀڃي ڇڏيون، جنهن کانپوءِ سيڪريٽ سروس ۽ مقامي پوليس فوري طور ڪارروائي ڪندي هڪ شخص کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو. سيڪريٽ سروس جا ايجنٽ واردات واري هنڌ پهتا ۽ هڪ شڪي شخص کي حراست ۾ ورتو پر اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ناهي ڪئي ته ان شخص تي ڪو الزام لاڳو ڪيو ويو آهي يا نه. هڪ حڪومتي اهلڪار ٻڌايو ته جي ڊي وينس ۽ سندس گهر ڀاتي حملي وقت گهر ۾ موجود نه هئا. واضح رهي ته جي ڊي وينس وينزويلا ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي نگراني ڪئي.