مادورو ۽ پاناما جي اڳواڻ مينوئل نوريگا جي گرفتاري ۾ هڪ جهڙائي

  مادورو ۽ پاناما جي اڳواڻ مينوئل نوريگا جي گرفتاري ۾ هڪ جهڙائي

واشنگٽن: آمريڪا پاران وينزويلا جي گادي واري هنڌ ڊيلٽا فورس موڪلي ۽ صدر مادورو ۽ سندس زال کي گرفتار ڪرڻ تمام اهم واقعو آهي. هي گرفتاري 1989 ۾ پاناما جي فوجي اڳواڻ مينوئل نوريگا جيان آهي، جنهن کي به آمريڪي خاص فوج گرفتار ڪيو هو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ چونڊون ڪرائڻ بعد فتح جي دعويٰ ڪئي هئي، ٻنهي تي آمريڪا پاران منشيات جي اسمگلنگ ۾ ملوث هجڻ جو الزام لڳايو ويو هو. نوريگا جي گرفتاري لاءِ آمريڪي  فوج کي جنگ به ڪرڻي پئي هئي نوريگا ويٽيڪن سفارتخاني ۾ پناهه ورتي، جتي هو 11 ڏينهن رهيو. آخرڪار هن کي نفسياتي جنگ ذريعي ٻاهر نڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو، خاص طور تي بلند آواز ۾ راڪ ميوزڪ وڄائڻ سان، جنهن ۾ دي ڪليش، وان هيلن ۽ يو 2 جا گانا شامل هئا. بعد ۾ هن کي آمريڪا حوالي ڪيو ويو، جتي هن کي منشيات جي ڏوهن جو ڪيس هلائي سزا ڏني وئي. بي بي سي موجب نڪولس مادورو کي پڪڙڻ لاءِ آپريشن جا تفصيل اڃا تائين جاري نه ڪيا ويا آهن، پر اهو هڪ وڌيڪ خطرناڪ ۽ تفصيلي آپريشن لڳي ٿو، جنهن ۾ صدر ۽ سندس زال کي روايتي زميني فوجن جي شموليت کان سواءِ ڊيلٽا فورس ٻاهر ڪڍيو. رپورٽ موجو صدر مادورو جو مستقبل واضح ناهي، پر امڪان آهي ته هو ايندڙ ڏينهن تائين آمريڪي جيل ۾ رهندو.