| مادورو 2013ع ۾ منظر تي آيو، شاويز جو جانشين ٿيو |
ڪاراڪس (م ڊ) وينزويلا جو صدر نڪولس مادورو کاٻي ڌر جي صدر هيوگو شاويز ۽ سندس يونائيٽيڊ سوشلسٽ پارٽي آف وينزويلا جي دور ۾ سياسي طور مشهور ٿيو. هن 2013 ۾ وينزويلا جي صدر طور شاويز جي جاءِ سنڀالي. 2024ع جي صدارتي چونڊن ۾ مادورو کي فاتح قرار ڏنو ويو، پر مخالف ڌر دعويٰ ڪئي ته سندن اميدوار ايڊمنڊو گونزاليز واضح اڪثريت سان کٽيو. آمريڪا ۾ لکين وينزويلا جي مهاجرن جي آمد ۽ منشيات جي اسمگلنگ، خاص طور تي فينٽانيل ۽ ڪوڪين تي ڪريڪ ڊائون بابت مادورو ۽ ٽرمپ ۾ اختلاف رهيا. ٽرمپ ٻن وينزويلا جي منشيات ڪارٽيل ٽرين ڊي آراگوا ۽ ڪارٽيل ڊي لاس سولس کي پرڏيهي دهشتگرد تنظيمون نامزد ڪيو ۽ مادورو تي ڊي لاس سولس جي اڳواڻي ڪرڻ جو الزام لڳايو. آمريڪا مادورو جي گرفتاري جي حوالي سان معلومات لاءِ 50 ملين ڊالر انعام جي آڇ پڻ ڪئي. ڪجهه مهينن کان آمريڪي فوجن بين الاقوامي پاڻين ۾ ٻيڙين تي ٻه درجن کان وڌيڪ ڇاپا هنيا انهن حملن ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.