| ماربل سٽي روڊ لاءِ 34 ايڪڙ اي ون ڪلاس زمين جي منظوري: اگهن جي سفارش |
ڪراچي(رپورٽ: الطاف چنا) بورڊ آف روينيو سنڌ حڪومت کان ماربل سٽي روڊ لاءِ زمين جي دستيابي ۽ زمين جي مارڪيٽ ويليو جي بنياد تي قيمت جي تجويز پيش ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سنڌ سيڙپڪاري کاتي ماربل سٽي روڊ لاءِ 99 سالن جي ليز تي سرڪاري زمين الاٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي آهي. ان حوالي سان ڪمشنر پنهنجي خط ذريعي ڊپٽي ڪمشنر ويسٽ ڪراچي جي رپورٽ موڪلي آهي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل سروي اڳ ۾ ئي ٿي چڪي آهي، ان حوالي سان ڊي سي اولهه ۽ سروي سپرنٽنڊنٽ گوگل تصويرون ذريعي تيار ڪيل پلان ۾ضلعي اولهه کان 63 فوٽ ويڪري روڊ لاءِ01-06 ايڪڙ ايراضي جي دستيابي ڏيکاري آهي. رپورٽ موجب ديهه ڄام چاڪرو ۽ ديهه بند مراد ۾ ٺهندڙ روڊ جو حصو A1 ڪيٽيگري هيٺ اچي ٿو. ڊپٽي ڪمشنر ملير پنهنجي خط ذريعي ڄاڻايو آهي ديهه مٺا گهر جي 02-28 ايڪڙ سرڪاري زمين روڊ لاءِ موجود آهي. جيڪا پڻ A1 ڪيٽيگري جي آهي، رپورٽ موجب پراڻي روڊ جي 30 سالن جي ليز تي ڏنل زمين جو ڪو به حصو عوامي مقصد لاءِ تبديل نه ڪيو ويو آهي. هوڏانهن صوبائي بيس پرائس اسيسمينٽ ڪاميٽي پنهنجي اجلاس ۾ ديهه مٺا گهر ۾ 300 ايڪڙ زمين جي ڪيس تي تفصيل سان بحث ڪيو. جيڪو سنڌ بورڊ آف انويسٽمينٽ پاران جاري ڪيل الاٽمينٽ آرڊر ذريعي ماربل سٽي جي حق ۾ 50 لک 50 هزار رپيا في ايڪڙ جي شرح سان 99 سالن جي ليز تي الاٽ ڪيو ويو آهي، ڪاميٽي ديهه ڄام چاڪرو ۽ ديهه بند مراد ۾6.01 ايڪڙ زمين جي منظوري ڏني، جنهن جي مارڪيٽ قيمت 1 ڪروڙ 31 لک رپيا في ايڪڙ آهي، ساڳئي ريت ديهه مٺا گھر جي 02-28 ايڪڙ زمين جي مارڪيٽ قيمت 27 لک 75 هزار رپيا في ايڪڙ آهي. اجلاس ۾ سنڌ سيڙپڪاري کاتي جي حق ۾ ماربل سٽي پروجيڪٽ جي روڊ لاءِ 03-34 ايڪڙ زمين 99 سالن جي ليز تي الاٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.