| مارشل لا، نئين اليڪشن يا تڏا ويڙهه ٿيندي: مرتضيٰ جتوئي |
نوشهرو فيروز(رپورٽر( اين پي پي جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي چيو آهي ته مارشل لا، نئين اليڪشن يا نظام جي تڏا ويڙهه سميت ڪجهه به ٿي سگهي ٿو، ايران خلاف جنگ ڪري معاملو رڪجي ويو هو، ڪجهه نه ڪجهه ضرور ٿيڻ وارو آهي، پيپلزپارٽي ڌانڌلين ذريعي اليڪشن کٽڻ جي عادي آهي، عادي ڏوهاري کي ڏوهه کانسواءِ مزو نه ايندو، فوج ۽ عدليه شفاف چونڊون ڪرائين ته پيپلزپارٽي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ ووٽ نه کڻي سگهندي، ڪالهه هتي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان کي ڪو به اشارو نه مليو آهي ۽ نه وري اسان اشارن تي هلڻ وارا آهيون، اين پي پي سربراهه مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي قتل سميت 8 ڪيسن ۾ اي ٽي سي نوشهروفيروز آڏو پيش ٿيا، عدالت بلاول قتل ڪيس، ضياءَ لنجار جي گهر کي باهه ڏيڻ سميت 8 ڪيسن جي ٻڌڻي 19مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي