ماريا ساريو جي ضمانت رد، تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

ماريا ساريو جي ضمانت رد، تحفظ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ، ايس ايس پي آفيس ۾ مبينا ڀڃ ڊاهه، هُل هنگامي، دهشتگردي ۽ ٻين الزامن هيٺ داخل ڪيس ۾ ماريا ساريو جي عبوري ضمانت رد ڪري ڇڏي، جنهن کانپوءِ هوءَ گرفتاري کان بچڻ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهتي ۽ تحفظ واري درخواست داخل ڪئي ٻڌڻي دوران ماريا ساريو عدالت کي آگاهه ڪيو ته عدالتي احاطي اندر پوليس جا ڪيترائي عملدار موجود آهن، جيڪي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پهتا آهن ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن کان ھاء ڪورٽ رستي تان پوليس طرفان تشدد ڪري گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميڊيا جي ڪيمرائون کان پوليس کي ڊپ ٿيو باقي پوليس اڄ گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار آھي تنهن ڪري کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مبين لاکو ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي ماريا ساريو ۽ سندس وڪيل ايڊووڪيٽ ممتاز سچل اعواڻ ۽ ايڊووڪيٽ فاطمه ٽالپر، ايڊووڪيٽ آزاد جسڪاڻي، ايڊووڪيٽ وسيم سيال جا دليل ٻڌڻ کان پوءِ ڊي ايس پي سي آءِ اي عنايت الله قريشي، ايس ايڇ او مظهر سومرو، ايس ايڇ او سڪينا ڀٽي، انسپيڪٽر بينظير جمالي، انسپيڪٽر منير عباسي ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي ذاتي حيثيت ۾ فوري طور ترت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو حڪم ملڻ تي سمورا پوليس عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا،
 

عدالتي احاطي ۾ ڇو آهيو؟  ماريا کي گرفتار ڪرڻ (عدالت) جج گهرايو  هو: ڊي ايس پي
 

حيدرآباد:  ٻڌڻي دوران عدالت ڊي ايس پي عنايت الله قريشي کان پڇاڻو ڪيو ته هو عدالتي احاطي ۾ ڇو موجود آهي؟ ڊي ايس پي عدالت کي ٻڌايو ته کيس ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج طلب ڪيو هو ان تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇا اوهان کي ٻه ڪلاڪ اڳ ان لاءِ گهرايو ويو هو ته جيئن ماريا ساريو جي ضمانت رد ٿيندي ئي کيس گرفتار ڪيو وڃي؟ جيڪڏهن ائين آهي ته ان معاملي جي جاچ ڪرائينداسين اوهان سيشن جج بابت انتهائي سنجيده الزام هڻي رهيا آهيو؟ عدالت انسپيڪٽر بينظير جمالي کان پڻ پڇاڻو ڪيو ته هوءَ عدالتي احاطي ۾ ڇو موجود آهي؟ جنهن تي هن جواب ڏنو ته دادو جي هڪ ڪيس ۾ وڪيل جي ڳولا ڪرڻ لاءِ آئي آهي جڏهن ته اهو ڪيس سومر تي مقرر ٿيل آهي. ان تي عدالت حيرانگي ظاهر ڪندي ريمارڪس ڏنا، جڏهن دادو وارو ڪيس سومر تي مقرر آهي ته پوءِ اوهان اڄ هتي وڪيل ڇو ڳولي رهيا آهيو؟ اها ڳالهه حقيقت سان مطابقت نٿي رکي. ٻئي طرف ايس ايڇ او سڪينا ڀٽي، ايس ايڇ او مظهر سومرو ۽ منير عباسي موقف اختيار ڪيو ته هو مختلف ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ عدالت آيا هئا.
 

پوليس موجودگي جو نوٽيس، ڪارروائي اشارو، ڪاز لسٽون طلب
 

حيدرآباد: عدالت انهن کان لاڳاپيل ڪيسن جون ڪاز لسٽون طلب ڪندي ريمارڪس ڏنا جيڪڏهن اوهان ڪيسن ۾ پيش ٿيڻ آيا آهيو ته انهن جون ڪاز لسٽون ڪٿي آهن؟ رڳو عدالتي احاطي ۾ موجود رهي حراسگي واري صورتحال پيدا ڪرڻ مناسب عمل ناهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ ماريا ساريو جي حفاظتي ضمانت منظور ڪندي کيس قانون موجب رليف فراهم ڪيو، جڏهن ته عدالت پوليس عملدارن جي موجودگي ۽ عدالتي احاطي ۾ پيش آيل صورتحال بابت معاملي جو نوٽيس وٺندي وڌيڪ قانوني ڪارروائي جو اشارو پڻ ڏنو.