ماريا ساريو ڪيس ۾ دهشتگردي قلم شامل ڪرڻ بابت ٻڌڻي، دليل

ماريا ساريو ڪيس ۾ دهشتگردي قلم شامل ڪرڻ بابت ٻڌڻي، دليل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي عدالت ماريا ساريو واري ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ  خلاف ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد ٻڌڻي 27 جولاءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، ٻڌڻي دوران ماريا ساريو وڪيل اشفاق خاصخيلي معرفت ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ ۾ پيش ٿي، پنڪي سميت 14 خواجه سرا به وڪيلن معرفت پيش ٿيا، عدالت پاران طلب ڪرڻ تي پوليس عملدار به پيش ٿيا، عدالت کي آگاهي ڏني ته ڄاڻايل ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم شامل نه ٿا ٿي سگهن ڪنزيومر پروٽيڪشن ڪورٽ جي جج ڌرين جا دليل ٻڌي فيصلي لاءِ 27 جولاءِ  تائين ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.