| مارڪون اسڪينڊل: ڪراچي بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد سميت اهم ڪامورن خلاف چالان پيش |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوبائي اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن محمد امين الله صديقي جي عدالت ۾ ڪراچي ۾ انٽر جي شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ ، فنڊن ۾ گهوٻين ۽ غيرقانوني ٽينڊر ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڪراچي انٽربورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين سميت بورڊ عملدارن خلاف پڪو چالان پيش ٿي ويو، ٻه جوابدار نه اچڻ سبب فرد جرم جي ڪارروائي نه ٿي سگهي، عدالت موجب 29 جنوري تي فرد جرم لاڳو ٿيندو اينٽي ڪرپشن جي جاچ آفيسر شاهنواز راهوپوٽو ڪراچي انٽر بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين ڊاڪٽر سعيد الدين، اڳوڻي ڪنٽرولر انور عليم راجپوت، اڳوڻن اسسٽنٽ ڪنٽرولرن محمد عطر ۽ محمد اسلم چوهاڻ سميت ٻين جوابدارن خلاف چالان پيش ڪيو، جاچ آفيسر چالان ۾ بورڊ آفيس جي آءِ ٽي ڊائريڪٽر شرير وقار کي جوابدار طور نامزد ڪيو, جاچ آفيسر ڪراچي بورڊ جي 2 آفيسرن اڳوڻي ڪنٽرولر ظهير ڀٽو ۽ حارث فاروقي جي بيگناهي جي رپورٽ پيش ڪئي، هن عدالت کي ٻڌايو ته وڏي وزير پاران جوڙيل انڪوائري ڪاميٽي جي سفارشن تي جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين پروفيسر نسيم ميمڻ ۽ ٻين جوابدارن تي پري ميڊيڪل 2022 ۽ 2023 جي نتيجن ۾ ڦيرڦار جا الزام آهن، جاچ آفيسر چيو ته جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ ۾جوابدارن مٿان شاگردن جي نتيجن ۾ ڦيرڦار ڪري حقدار شاگردن جو مستقبل خراب ڪرڻ جا الزام آهن، جڏهن ته جوابدارن نتيجن ۾ ڦير ڦار کانسواءِ غيرقانوني ٽينڊرز ڪيا، فنڊن ۾ گهوٻيون هڻڻ سان گڏ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪيو