ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي گورنر لاڙڪاڻي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ کي عورت ٽيچر کي هراسان ڪرڻ تان صوبائي محتسب پاران ڏنل سزا بحال ڪري ڇڏي، مامري جي وڌيڪ جاچ ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ کان ڪرائڻ جي سفارش
ان ڏس ۾ گورنر ڪامران ٽيسوري لاڙڪاڻي تعليمي بورڊ جي چيئرمين نسيم ميمڻ پاران عورت ٽيچر کي هراسان ڪرڻ وارو معاملي تي محتسب پاران 2 لک رپيا ڏنڊ ۽ عهدي تان هٽائڻ واري فيصلي تي ڏنل پنهنجو اسٽي ختم ڪندي محتسب جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ جاچ لاءِ معاملو ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائيم ونگ ڏانهن اماڻڻ جي سفارش ڪئي آهي
گورنر هائوس جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هراسمينٽ ايٽ ورڪ پليس ايڪٽ 2010ع ۾ قانوني ۽ فني خامين جي بنياد تي اهو معاملو واپس صوبائي محتسب سنڌ ڏانهن اماڻيو پيو وڃي، گورنر پاران صوبائي محتسب کي سفارش ڪئي وئي آهي ته ايف آءِ اي کان هراسمينٽ واري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرائي وڃي
گورنر ڪامران ٽسوري جو چوڻ آهي ته الزام هڻندڙ ليڊي ٽيچر ۽ الزام هيٺ آيل چيئرمين جي آءِ پي ايڊريسز ۽ ڊوائيسز جي تصديق ڪرائي وڃي
واضح رهي ته صوبائي محتسب پاران سزا ٻڌائڻ بعد بورڊ چيئرمين نسيم ميمڻ گورنر سنڌ کي فيصلي تي نظرثاني لاءِ اپيل ڪئي هئي، جيڪا گورنر منظور ڪرڻ بعد محتسب جي فيصلي کي عارضي بنيادن تي معطل ڪيو هو، نسيم ميمڻ خلاف حيدرآباد جي عورت ٽيچر هراسان ڪرڻ جو الزام لڳايو هو