ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود رهجي ويل ماستر اميدوارن جو ڇا ڪجي؟ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھ جي سربراهي ۾ قائم ڪيل اعليٰ سطحي ڪاميٽي جو اهم اجلاس اڄ ٿيندو. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب سنڌ ۾ آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪرڻ بعد ڀرتين جو مُدو مڪمل ٿيڻ سبب ڀرتي ٿيڻ کان رهجي ويل هزارين اميدوارن جي ڀرتين تي غور ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ اجلاس اڄ ٿيندو. واضح رهي ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين وارو مُدو پورو ٿيڻ بعد رهجي ويل اميدوارن جي احتجاجن وارو معاملو سنڌ اسيمبلي تائين پهچڻ کانپوءِ معاملي جي حل لاءِ اسپيڪر اويس قادر شاھ جي صدارت هيٺ 10 رُڪني اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي هئي. جنهن ۾ صوبائي وزير سردار شاھ ۽ ضيا لنجار، اسپيشل اسسٽنٽ تنزيلا اُمه حبيبه، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي، ايم پي ايز جميل احمد، محمد شبير سميت 10 ميمبر مقرر ڪيا ويا هئا. ڪاميٽي ويٽنگ اميدوارن جي ڀرتين جي حوالي سان غور ڪندي.