ميهڙ (رپورٽر) ميهڙ ۾ تپيدار پاران ناري کي حراسان ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، عدالتي حڪم تي تپيدار سميت سندس ٻن ساٿين تي ڪيس داخل ڪيو ويو
ميهڙ جي ٻيٽو روڊ جي رهواسڻ ناري تانيه سومرو پنهنجي ماسڙ تي حراسان ڪرڻ ۽ ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ تنگ ڪرڻ جا الزام هنيا آهن
ناري تانيه سومرو پنهنجي ماسڙ روينيو کاتي جي ملازم تپيدار مجيد سومرو ۽ ٻن اڻ سڃاتل ماڻهن خلاف ميهڙ جي ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي
ناري درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته تپيدار مجيد سومرو مون کي مسلسل حراسان ڪري ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو هيو
مون اهڙي درخواست ايس ايچ او ميهڙ کي ڏني پر تپيدار بااثر هجڻ ڪري پوليس جوابدار خلاف ڪاروائي نه ڪئي
ناري درخواست ۾ چيو ته جوابدار مون کي مسلسل حراسان ڪري رهيو آهي، عدالت اهڙي درخواست بعد ميهڙ جي اي سيڪشن پوليس کي تپيدار مجيد سومرو ۽ سندس ٻن ساٿين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
ناري تانيه سومرو جو چوڻ آهي ته مان يتيم آھيان، منھنجو والد يا ڀاءُ به نه آھي، تپيدار مجيد سومرو مسلسل مون کي حراسان ڪري رهيو آهي، گهر تي ڪاهه ڪري مون کي پاڻ سان ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ مجبور ڪري رهيو آهي
ناري چيو ته عدالتي حڪم باوجود پوليس جوابدار خلاف ڪاروائي نه پئي ڪري، تپيدار ۽ سندس دوست مون کي حراسان ڪري رهيا آهن، منهنجي تعليم به تباهه ٿي رهي آهي
تانيه سومرو چيو ته مون کي تنگ ڪندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ مون کي تحفظ ڏنو وڃي