ماسڪ پايو، 10 منٽ ساهه کڻو: ڪتا ڪينسر جي سڃاڻپ ڪندا

ماسڪ پايو، 10 منٽ ساهه کڻو: ڪتا ڪينسر جي سڃاڻپ ڪندا

دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) وڏي آنڊي جي ڪينسر جهڙين ڪجهه بيمارين جو پتو تڏهن پوي ٿو جڏهن اهي ٻئي يا ٽئين مرحلي تائين پهچي وڃن ٿيون ۽ ان سان ڊاڪٽرن لاءِ مريض جي جان بچائڻ تمام ڏکيو ٿي وڃي ٿو. پر هاڻي اهڙي ٽيڪنالاجي دريافت ڪئي پئي وڃي جنهن تحت خاص تربيت يافته ڪتا ساهه کنيل ماسڪ کي سنگهي اهو ٻڌائي سگهن ٿا ته ڇا توهان جي جسم جي ڪنهن حصي ۾ ڪينسر جون نشانيون موجود آهن يا نه. ڪينسر جي سڃاڻپ لاءِ ڪتن جو استعمال اسرائيل، برطانيا، فرانس، جاپان، آمريڪا، جرمني ۽ تائيوان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڪافي عرصي کان جاري آهي ۽ اهو هڪ آزمايل طريقو آهي. پر هاڻي ڀارت ۾ پهريون ڀيرو ڪرناٽڪ جي ڇهن مختلف اسپتالن ۾ تربيت يافته ڪتن جي مدد سان هڪ جائزو ورتو ويو. هن جائزي ۾ ڪتن 1502 مريضن جا نمونا سنگهيا ۽ 91 سيڪڙو درستگي سان اهو ٻڌائڻ ۾ ڪامياب رهيا ته ڪهڙن مريضن کي ڪينسر جي ستن وڏين قسمن مان هڪ خطرو موجود آهي ۽ ڪهڙن کي ناهي. انهن 1502 ماڻهن مان 283 ۾ جاچ ذريعي ڪينسر جي تصديق ٿي هئي جڏهن ته 1219 کي ڪينسر نه هو. هي جائزو بنگلورو ۾ قائم هڪ نئين ڪمپني ڪيو هو جنهن جا نتيجا جمعي ڏينهن هڪ طبي رسالي ۾ شايع ٿيا. هن جائزي جي اڳواڻي ڊاڪٽر سنجيو ڪلگوڊ ڪري رهيو هو جيڪي هڪ ڪينسر ماهر ۽ ڪرناٽڪ ۾ هڪ ڪينسر مرڪز جو ڊائريڪٽر هو، اداري جي انتظامي سربراهه ۽ شريڪ باني آڪاش ڪلگوڊ ٻڌايو ته هيل تائين اسان ڪرناٽڪ جي اسپتالن سان گڏجي 10 هزار نمونا گڏ ڪيا آهن. ايندڙ مرحلي ۾ اسان مهاراشٽر ۽ ٻين رياستن ڏانهن وڃڻ جو منصوبو ٺاهي رهيا آهيون. هتي ايندڙ ڇهن کان نون مهينن دوران لڳ ڀڳ 15 هزار ماڻهن جي جاچ پڙتال ڪئي وندي، آڪاش ڪلگوڊ ٻڌايو ته اهي 10 هزار نمونا ڪتن کي تربيت ڏيڻ ۽ مصنوعي ذهانت وارو نظام تيار ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا ويندا. ان جو مقصد هن سڄي عمل کي وڏي پيماني تي ڦهلائڻ آهي. هنن چيو ته اسان جو مقصد 30 ڪتن جي مدد سان هر سال 10 لک نمونن جي جاچ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪرڻ آهي.