مالياتي ايوارڊ ۾ پنجاب کي فائدو ڏنو پيو وڃي: نواز زنئور

  مالياتي ايوارڊ ۾ پنجاب کي فائدو ڏنو پيو وڃي: نواز زنئور

ميرپوربٺورو (ن پ ا) جيئي سنڌ قومي پارٽي پاران هاري ۽ قومپرست اڳواڻ قاسم پٿر جي 18هين ورسي جي موقعي تي قومي پارٽي جي چئرمين نواز خان زئور، قادر بخش زئور، علي رضا خاصخيلي، ناٿو زئور، خادم ميراڻي ۽ دائود ايڊوڪيٽ جي اڳواڻي ۾ سندس مزار تي اجرڪ جي چادر چاڙهي گل نڇاور ڪيا ويا ۽ دعا گھري وئي. جڏهن ته قومي ترانو پڙھي کيس خراج عقيدت پيش ڪئي وئي. ان موقعي تي گڏ ٿيل ڪارڪنن کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ قومي پارٽي جي چيئرمين نواز خان زئور چيو ته قاسم پٿر هڪ بهادر، ڪميٽيڊ ۽ ايماندار سياسي اڳواڻ هو، جنهن پنهنجي سڄي ڄمار سنڌ جي آئيندي جي اڏاوت لاءِ وقف ڪري ڇڏي. نواز زئور وڌيڪ چيو ته اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ ۾ آبادي کي بنياد بڻائي پنجاب کي فائدو ڏنو پيو وڃي، جيڪو ناانصافيءَ ڀريو عمل آهي. سنڌ جي پيداواري وسيلن تي سنڌي قوم جو قومي حق قبول ڪيو وڃي.