| مالڪ جاءِ خالي ڪرائي سگهي ٿو: ڪراچي واسي جي درخواست تي فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ مالڪ ۽ ڪرائيدار جي تڪرار بابت اهم فيصلو ٻڌائيندي قرار ڏنو آهي ته ملڪيت جي مالڪ کي پنهنجي ملڪيت استعمال ڪرڻ جو مڪمل اختيار حاصل آهي. سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي چيو ته ملڪيت جي استعمال لاءِ مالڪ ڪرائيدار جي مرضي يا خواهش جو پابند ناهي. اهو طئي ٿيل اصول آهي ته مالڪ پنهنجي ضرورت جو پاڻ واحد منصف هوندو آهي. موجوده ڪيس ۾ مالڪ طرفان ملڪيت استعمال ڪرڻ بابت حلفي بيان ڏيڻ سندس ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو. سپريم ڪورٽ ڪرائيدار کي حڪم ڏنو ته هو 6 مهينن اندر رهائشي فليٽ خالي ڪري مالڪ جي حوالي ڪري. ڪيس دوران ڪرائيدار موقف اختيار ڪيو هو ته عمارت ۾ هڪ کان وڌيڪ فليٽ خالي پيل آهن هاءِ ڪورٽ مالڪ جي ٻين خالي فليٽن جي بنياد تي ڪرائيدار جي حق ۾ فيصلو ڏنو هو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس عقيل احمد عباسي ڪراچي صدر جي علائقي آرام باغ ڪوارٽرز جي هڪ عمارت سان لاڳاپيل ڪيس ۾ 8 صفحن تي ٻڌل فيصلو لکيو.