مانجھند ڀرسان ڪار، وين ۽ ٽرڪ ۾ خوفناڪ ٽڪر، ماءُ پٽ سميت 8 ڄڻا فوت، 10 مسافر زخمي
جنوري 20, 2024
مانجھند (ن پ ا) مانجھند ڀرسان ڳوٺ ڪوريجا وٽ ڪار، وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، عورت ۽ ٻارڙي سميت 8 ڄڻا فوت، 10 ڄڻا زخمي، ان ڏس ۾ کاڻوٺ لڳ ڪوريجا موڙ وٽ انڊس هاءِ وي تي حيدرآباد کان مانجھند ويندڙ ڪار جو دادو کان ڄامشورو ويندڙ وين ۽ ٽرڪ وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور اقبال سومرو، سليم پٽ رجب نوحاڻي، مقدس زال رجب نوحاڻي، رياض حسين پٽ الھبچايو، مسمات حياتان جمالي، اڪرم برهماڻي، ٽن سالن جي ٻارڙي سميت 6 ڄڻا فوت فوت ٿي ويا، جڏهن ته 10 مسافر سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ منور پٽ جان محمد ميمڻ، علي مرتضيٰ پٽ عبدالله شاھ، ضمير پٽ عباس نوحاڻي، منير برھماڻي، محمد پٽ فتح محمد، سيد بابو شاھ ۽ ٻيا شامل آھن، ٽنھي گاڏين ۾ خوفناڪ حادثو ٿيڻ بعد وين ۽ ڪار ۾ سوار زخمي واقعي واري ھنڌ تڙپندا رھيا جنھن بعد وڏي تعداد ۾ مقامي ماڻهن پھچي وين ۽ ڪار ۾ ڦاٿل زخمين کي گاڏين مان ٻاھر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پنج کان وڌيڪ زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب انھن کي لمس اسپتال ڄامشورو مان سول اسپتال حيدرآباد طرف منتقل ڪيو ويو.
حادثي جو شڪار زخمي هڪ ڪلاڪ تائين وين ۾ ڦاٿل رهيا
مانجھند: حادثي جو شڪار زخمي ھڪ ڪلاڪ تائين روڊ تي وين ۾ ڦاٿل رھيا، جنھن بعد ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت وين کي ڪٽي زخمين کي وين مان ٻاھر ڪڍي اميبولينس دير سان پھچڻ ڪري پرائيوٽ گاڏين ۾ لمس اسپتال ۽ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو.
پوليس واقعي واري هنڌ دير سان پهتي، زخمي روڊ تي تڙپندا رهيا
مانجھند: انڊس هاءِ وي تي خطرناڪ حادثي بعد موٽروي پوليس ۽ کاڻوٺ پوليس واقعي واري ھنڌ وقت تي نه پھچڻ سبب انڊس هاءِ وي تي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون،بعد ۾ پوليس دير سان واقعي واري هنڌ پهچي ضروري ڪارروائي پوري ڪئي.