| ماني سان غير اخلاقي حرڪت تي ريسٽورنٽ ملازم گرفتار |
نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) ماني سان غير اخلاقي حرڪت جي وڊيو وائرل ٿي وئي، سوشل ميڊيا تي سخت رد عمل بعد پوليس ريسٽورينٽ ملازم کي گرفتار ڪري ورتو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي شهر غازي آباد ۾ ريسٽورينٽ اندر هڪ انتهائي غير اخلاقي واقعي انسانيت جو ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو، چڪن پوائنٽ نالي ريسٽورينٽ ۾ هڪ ملازم ماني تي ٿڪ اڇلائي، ريسٽورينٽ تي موجود ڪنهن گراهڪ ان عمل جي وڊيو ڀري سوشل ميڊيا تي رکي ڇڏي، جنهن بعد ملازم جي ان غير اخلاقي حرڪت واري وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي وئي، صارفين ان حرڪت تي شديد رد عمل ظاهر ڪيو جنهن بعد پوليس ريسٽورينٽ تي ڇاپو هڻي ملازم کي گرفتار ڪري ورتو. سوشل ميڊيا صارفين جو چوڻ هو ته ان غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ تي ملازم کي سخت سزا ملڻ گهرجي. هڪ عورت صارف لکيو ته آئون انڪري ٻاهر جي کاڌن بدران گهر ۾ پچائڻ کي اوليت ڏيان ٿي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته ملازم کي گرفتار ڪيو آهي، واقعي جي جاچ ڪريون پيا، جوابدار خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.