| ماني کائجي وات سان نه نڪ سان، عورت کي ڏسي دنيا حيران |
نيويارڪ (انٽريسٽنگ نيوز) عورت ٽي وي تي نڪ ذريعي کاڌو کائي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو . پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب آمريڪي رياست ورجينيا جي ڪيٿرين نالي هڪ عورت لاڳيتو 5 سالن کان نڪ ذريعي کاڌو کائيندڙ آهي. ان جو مظاهرو ڪندي عورت هڪ ٽي وي شو دوران پنهنجو کاڌو پيسي نڪ ذريعي کائي ڏيکاريو ، ڪيٿرين جي کاڌي کائڻ واري اها وڊيو وائرل ٿيڻ بعد صارفين حيران ٿي ويا، ان حوالي سان ڪيٿرين جو چوڻ هو ته نڪ ذريعي کاڌو کائڻ جو چيلينج ڪميونٽي ڪاليج ۾ قبول ڪري اهو عمل شروع ڪيو. هن چيو ته پهريون ڀيرو فليورڊ فروٽ ڊرنڪ نڪ ذريعي پيئڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن ۾ هو ڪامياب ٿي جنهن بعد نڪ ذريعي کاڌو کائڻ شروع ڪيو.