“مان ته بس ‘وچ وارو’ آهيان، ليکڪ ناهيان” …. عارف انیس

                 اڄ جي تحرير انهن سڀني دوستن لاءِ آهي، جيڪي لکڻ سان لاڳاپيل آهن، ۽ هن راز کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا.

                 لاسلو ڪراسناهورڪائي جڏهن هي جملو چيو ته دنيا جي ادبي حلقن ۾ هڪ لهر ڊوڙي وئي. 2025 جو ادب جو نوبل انعام يافته اهو هنگري جو ليکڪ، جنهن جا جملا ڪڏهن ڪڏهن ڏهن صفحن تائين پکڙيل هوندا آهن – يڪ ساهي ۾، هڪ ئي خيال، هڪ ئي لهر – ۽ اهو چوي ٿو ته هو ليکڪ ناهي، هو موڊريٽر آهي. ماڻهن، خيالن ۽ دنيائن جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندڙ، وچ وارو!

هي جملو ڪوڙي انڪساري ناهي، هي لکڻ جي عمل جو سڀ کان ايماندار اعتراف آهي.

                 مون پاڻ ڏهن کان وڌيڪ ڪتاب لکي، سالن تائين اها غلط فهمي پالي ته ليکڪ ڪي خدا جا خاص چونڊيل/ڌڻيل ماڻهو هوندا آهن، جن تي آسمان مان الهام لهي ٿو. جيڪي خالي صفحي اڳيان ويهن ٿا ۽ لفظ پاڻمرادو نڪرندا وڃن ٿا. پوءِ وقت سان گڏ سمجهه آئي ته اهو بلڪل غلط آهي. لکڻ الهام ناهي، مزاحمت آهي. لکڻ تخليق ناهي، ترجماني آهي. ۽ ليکڪ خالق ناهي، ‘وچ وارو’ آهي. سوچيو ته جڏهن توهان لکڻ ويهو ٿا ته اصل ۾ ڇا ٿيندو آهي. پهرين هڪ خيال اچي ٿو- ڪٿان؟ ڪنهن جي ڳالهه مان، ڪنهن تصوير مان، ڪنهن اخبار مان، ٻالڪپڻ جي ڪنهن ياد مان. توهان ان خيال جا مالڪ ناهيو. اهو توهان جي ذهن ۾ مهمان آهي. توهان رڳو ايترو ڪندا آهيو ته ان کي رهڻ جي جاءِ ڏيو ٿا. پوءِ ٻيو خيال اچي ٿو. پهرئين سان ملي ٽئين شيءِ ٺهي ٿي. توهان ان جا به مالڪ ناهيو. توهان بس انهن ٻنهي جي وچ ۾ ويٺل آهيو- ملائڻ وارا، موڊريٽر.

ارنسٽ ھیمنگوي ان کي “رت وهائڻ” چيو هو: “لکڻ ۾ ڪا خاص ڳالهه ناهي. توهان بس ٽائپ رائيٽر اڳيان ويهو ٿا ۽ رت وهڻ ڏيو ٿا.” ۽ گبریئل گارسیا مارڪیز چوندو هو: “لکڻ ڏند ڪڍرائڻ جيان آهي. ٻنهي ۾ تڪليف آهي، ٻنهي ۾ رت نڪري ٿو.” ته پوءِ ڇا هي تخليق آهي؟ يا پورھيو؟ يا ڪجهه اهڙي شئي، جنهن جو نالو اڃا ايجاد ناهي ٿيو؟

ڇا توهان ڪڏهن اڌ رات جو جاڳي قلم کنيو آهي؟ ڇا ڪڏهن وهنجندي ڪو جملو ذهن ۾ آيو ۽ صابڻ لڳل هٿن سان ٻاهر ڊوڙيا آهيو ان کي لکڻ لاءِ؟ ڇا ڪڏهن ڪنهن جو فون ٻڌندي اوچتو اها ڳالهه سمجهه ۾ آئي جيڪا هفتن کان منجھيل هئي؟ اهي لمحا ٻڌائين ٿا ته ليکڪ ٿيڻ جو مطلب اهو ناهي، جيڪو اسڪول ۾ سيکاريو وڃي ٿو. ليکڪ ٿيڻ پهريدار ٿيڻ آهي. لفظ ڪٿي ٻاهر گهمي رهيا آهن- توهان جو ڪم انهن کي پڪڙڻ آهي.

ڪراسناهورڪائي جيڪا ڳالهه ڪئي، ان جو پڙاڏو تاريخ ۾ گهڻو پوئتي وڃي ٿو. يوناني شاعر هومر پنهنجي ڪتابن ایلیڊ ۽ اوڊیسی جي شروعات هن ريت ڪئي: “اي ديوي، ڳاءِ!” يعني شاعر پاڻ نٿو ڳائي، پر ديويءَ کي ڳائڻ جي دعوت ڏئي ٿو. شاعر وچ ۾ آهي – وچ ۾ رهندڙ، جيڪو پنهنجي اندر ۾ موجود ڪنهن ٻئي جي  آواز کي ٻاهر اچڻ ڏئي ٿو.

صوفي ان کي “فنا” چوندا هئا. ليکڪ پنهنجي ذات کي مٽائي ڇڏي، تڏهن ئي لفظ ان جي ذريعي وهڻ لڳندا آهن. مرزا غالب چيو هو:

“آتے ہیں غیب سے یہ مضامیں خیال میں/ غالب صریر خامہ نوائے سروش ہے۔”

يعني خيال ڪٿان ٻئي هنڌان اچن ٿا. قلم جي چرچراهٽ بس فرشتي جي آواز جو پڙاڏو آهي. غالب پاڻ کي ليکڪ نه چيو- پنهنجي قلم کي فرشتي/غيبي آواز جو ترجمان چيو.

 170 سال اڳ هن اها ئي ڳالهه ڪئي، جيڪا ڪراسناهورڪائي 2025 ۾ چئي رهيو آهي۔

لیو ٹالسٹائي هڪ ڀيري لکيو هو ته انا ڪرينينا کي پٽڙيءَ تي اڇلائڻ ان جو پنهنجو فيصلو هو: “مان نه چاهيندو هوس ته هوءَ مري، پر هن مون کي چيو: ٽالسٽائي، مون کي اهو ئي ڪرڻو آهي.” آخرڪار هڪ پوڙهو ماڻهو پنهنجي ئي ڪردارن اڳيان بي وس ٿي وڃي ٿو. ھي اهو لمحو آهي، جڏهن ليکڪ مڃي وٺي ٿو ته هو موڊريٽر آهي، مالڪ ناهي.

منهنجي نظر ۾ لکڻ جو سڀ کان مقدس لمحو اهو آهي، جڏهن توهان جي لکت توهان کي حيران ڪري ڇڏي. جڏهن توهان پنهنجو جملو پڙهو ۽ سوچيو: هي مون لکيو؟ هي منهنجي اندر مان نڪتو؟ ان لمحي ۾ توهان کي احساس ٿئي ٿو ته توهان رڳو ھڪ ٿانءُ هئا – پاڻي ڪٿان ٻئي هنڌان آيو هو. توهان رڳو ان کي وهڻ ڏنو.

پر هتي هڪ تضاد آهي، جنهن کي سمجهڻ ضروري آهي. موڊريٽر هجڻ ڪا ڪاھلي ۽ سستي ناهي – اهو سڀ کان ڏکيو ڪم آهي. ڇو ته موڊريٽر کي خاموش رهڻ سکڻو پوي ٿو. پنهنجي مرضيءَ کي هڪ پاسي رکڻو پوي ٿو. پنهنجي راءِ کي دٻائڻو پوي ٿو. ۽ ان آواز کي ٻاهر اچڻ ڏيڻو پوي ٿو، جيڪو سندس پنهنجو ناهي. اهو ذات جو قتل آهي- ننڍين ننڍڙن قسطن ۾.

سارتر چيو هو ته لکڻ آزاديءَ جي ڳولا آهي. پر آزادي پنهنجي مرضيءَ سان نه، پر پنهنجي مرضيءَ تان ھٿ کڻڻ سان ملي ٿي. جڏهن توهان پنهنجي “مان” ڇڏي ڏيو ٿا، تڏهن توهان اها ڳالهه چئي سگهو ٿا، جيڪا “مان” نٿي چئي سگهيس.

هي ڳالهه صرف ليکڪن لاءِ ناهي، پر هر ان ماڻهو لاءِ آهي، جيڪو ڪڏهن خالي صفحي آڏو ويٺو آهي. اي ميل هجي، پيغام هجي، تقرير هجي، استعيفا هجي، اعتراف هجي، شڪايت هجي يا معافي – هر ڀيري اسان کي چيو وڃي ٿو: “سٺو لکو، اثرائتو لکو، اهڙو لکو جو ڪم نڪري وڃي.” ۽ اهو ئي اهو وقت هوندو آهي، جڏهن اسان ڪوڙ لکڻ شروع ڪندا آهيون. ڇو ته اسان ليکڪ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هوندا آهيون، موڊريٽر ٿيڻ جي نه.

جيڪڏهن توهان موڊريٽر جو ڪردار قبول ڪري وٺو، ته اي ميل مڪمل طور مختلف ٿي ويندي. توهان پنهنجي ۽ پڙهندڙ جي ضرورتن جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪندا. پنهنجي ۽ حقيقت جي وچ ۾. پنهنجي ۽ ان لمحي جي وچ ۾، جنهن ۾ اهو پيغام پڙهيو ويندو. توهان ڳالهه کي کٽڻ جي ڪوشش نه ڪندا- توهان ڳالهه کي کلڻ ڏيندا.

ڪراسناهورڪائي هڪ ٻي ڳالهه به ڪئي، جنهن مون کي لوڏي ڇڏيو: “منهنجا جملا ڊگها ان ڪري آهن، ڇو ته زندگي ڪڏهن به نٿي رڪجي، نٿي بيھي. اها هلندي رهي ٿي، ۽ مان ان جو نقل ڪندو آهيان.” تحرير زندگي جو نقل آهي – ۽ زندگي پاڻ ڪنهن نه لکي آهي. زندگي رڳو ‘ٿي’ رهي آهي. ليکڪ بس ان “ٿيڻ” جو شاهد آهي.

ڇا ڪو ماڻهو ليکڪ بڻجڻ کان سواءِ لکي سگهي ٿو؟ اهو غلط سوال آهي. صحيح سوال هي آهي: ڇا ڪو ماڻهو ليکڪ ٿي ڪري به لکي سگهي ٿو؟ ڇو ته جڏهن توهان پاڻ کي “ليکڪ” سمجهڻ لڳو ٿا، تڏهن توهان لکڻ ڇڏي ڏيندا آهيو. توهان پنهنجي ساک بچائڻ شروع ڪندا آهيو. پنهنجي انداز جي حفاظت ڪندا آهيو. پنهنجن ناقدن کي خوش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهيو. اهي سڀ ڪم توهان کي موڊريٽر کان هٽائي پرفارمر بڻائي ڇڏين ٿا – ۽ پرفارمر ڪڏهن به سچ نٿو چئي سگهي.

پڪاسو چيو هو: “هر ٻار فنڪار هوندو آهي، مسئلو اهو آهي ته وڏو ٿي ڪيئن فنڪار ٿي رهجي.” لکڻ بابت به اها ئي ڳالهه آهي. هر انسان ليکڪ آهي. مسئلو صرف اهو آهي ته ان هڪ سوال جو جواب ڪيئن ڳولهجي: جيڪو اندر ڳالهائڻ چاهي ٿو، ان کي ٻاهر اچڻ جي اجازت ڪيئن ڏجي؟

اھو ئي ته موڊريٽر جو ڪم آهي. هو خاموشيءَ ۾ ويهي ٿو. جيڪو ڳالهائڻ چاهي، ان کي ڳالهائڻ ڏئي ٿو. وچ ۾ تڏهن اچي ٿو، جڏهن ضروري هجي. ۽ وچان هٽي وڃي ٿو، جڏهن غير ضروري هجي. هو فيصلو نٿو ڪري- رستو صاف ڪري ٿو. شايد اهو ئي سبب آهي ته هن دنيا ۾ سڀ کان وڏا ليکڪ اهي ناهن، جن سڀ کان وڌيڪ چيو، پر اهي آهن جن چوڻ جي سڀ کان گهٽ ڪوشش ڪئي. اهي جيڪي وچ ۾ ويهي رهيا- خاموش، صبر سان، لفظن جي اچڻ جو انتظار ڪندي.

ڪراسناھورڪائی جو جملو “مان موڊريٽر آهيان، ليکڪ ناهيان” ڪا دعوا ناهي- اهو هڪ اقرار آهي. ته جيڪو ڪجهه سندس نالي سان جڙيل آهي، اهو سندس ملڪيت ناهي. هو رڳو هڪ رستو هو. ۽ شايد لکڻ جو اصل سبق به اهو ئي آهي. قلم کڻو. خالي صفحو سامهون رکو. پوءِ ٿورو پٺتي هٽي وڃو. جيڪو ايندو – لکجي ويندو۔